اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪس??ان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۽ ٻين عالمي فورمن تي فلسطين مسئلي ۽ اسرائيلي ظلمن کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو آهي، فلسطين جي مسئلي جي پائيدار ۽ مستقل حل تائين وچ ??وڀر ۾ امن قائم نه ٿو ٿي سگهي، انساني جانين جي تحفظ ۽ مسئلي جي حل لاءِ عالمي ضمير کي جاڳائڻ ۽ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، جنرل اسيمبلي جو صدر 27 مئي تي پاڪس??ان جو دورو ڪندو، انساني همدردي جي بنياد تي فلسطيني ڀائرن جي لاءِ امداد موڪلينداسين، پاڪس??ان افغانس??ان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، افغانس??ان ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي جا خواهشمند آهيون، وزيراعظم عمران خان جي هوندي ڪو آمريڪي اڏو پاڪس??ان جي سرزمين تي نه ٺهندو، اسان واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ڊرون حملا برداشت نه ڪيا ويندا، اڄ پاڪس??ان محفوظ هٿن ۾ آهي. سينيٽ ۾ فلسطين جي صورتحال تي پاليسي بي??ن ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي هنگامي اجلاس ۾ پاڪس??ان جي نمائندگي ڪندي هن ملڪ جو موقف ??يس ڪيو ۽ اسان هڪ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪئي.