ڪوئيٽا – 03 آگسٽ (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي حوالي سان گوادر کي خصوصي اهميت حاصل آهي، جاگرافيائي جي حوالي سان بلوچستان سينٽرل ايشيا تائين پهچ جو بهترين ذريعو آهي جنهن سان وچ ايشيائي ملڪن سان معاشي ۽ واپاري موقعا وڌائڻ جا روشن امڪان آهن. ??در چيو ته سي پيڪ جي ڏس ۾ اسان کي نئين نسل کي ??دي?? هنر سيکارڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ پارليامينٽرينز سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي بلوچستان جو گورنر سيد ظهور احمد آغا ۽ وڏو وزير ڄام ڪمال خان پڻ مو??ود هئا. ايوان ??در جي ميڊيا ونگ مو??ب ملاقات دوران صوبي جي مجموعي امن امان جي صورتحال، جاري ترقياتي منصوبن، سرحدي واپار، بارڊر مارڪيٽون قائم ڪرڻ، لينڊ ڊيجيٽلائيزيشن مئنيجمينٽ، نئين ليبر قانونن، صوبي ۾ سياحت جي فر??غ ۽ خطي ۾ رونما ٿيندڙ معاشي ۽ سياسي تبديلين تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پارليامينٽرينز سان ڳالهائيندي ??در چيو ته بلوچستان ۾ زراعت، ماهيگيري ۽ لائيو اسٽاڪ جي ترقي جا ڀ??پو?? موقعا مو??ود آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان صحيح رخ ۾ قدم کڻون ۽ دستياب وسيلن جي محتاط استعمال کي يقيني بڻايو وڃي.