اسلام آباد/ ني??يارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانين جي منجمند اثاث?? کي کولڻ سان افغانستا?? کي انساني بحران مان ڪڍڻ ۾ مد ملندي، ذميدارڻي طرز عمل طالبان جي پنهنجي مفاد ۾ آهي، هندستان پاڪستان ۾ عدم استحڪام چاهي ٿو، هن اسان جي خلاف افغان سرزمي?? کي استعمال ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير ني??يارڪ ۾ جاري گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي فارن پريس ايسوسيئيشن سان ورچوئل ملاقات ڪري رهيو هو. هن چيو ته افغانستان جي صورتحال بدلجي رهي آهي، عالمي برادري کي طالبان مان ڪجهه اميدون آهن جڏهن ته ڪجهه ڌُرين جو خيال آهي ته طالبان جي موجوده قيادت اجتماعيت جي حامل نه آهي، پر منهنجي ڄاڻ موجب هاڻي ا??غانستان ۾ طالبان قيادت، وسعت پذير ٿي رهي آهي ا?? ۾ افغانستان جي ٻين قوميت?? کي به شامل ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته آمريڪي قيادت موجب افغانستان ۾ انهن جو مشن مڪمل ٿي چڪو آهي، هدف حاصل ڪرڻ کانپوءِ افغانستان مان غير ملڪي فوج جو نڪرڻ درست فيصلو هو. شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته هندستان پاڪستان ۾ عدم استحڪام چاهي ٿو، هندستان اسان جي خلاف افغان سرزمي?? کي استعمال ڪيو. جنهن جي ناقابل ترديد ثبوت اسان دنيا جي سامهون رکيا. انساني حقن جي پاسداري کي ا??تيازي نه ٿيڻ گهرجي. اسان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جا خواهشمند آهيون، ڀارت اسان جي ا??ن خواهش ??، ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفا قدم کڻي صورتحال کي وڌيڪ ڳنڀير ۽ پيچيده بڻايو. پرڏيهي وزير چيو ته افغانين جي منجمند اثاث?? کي کولڻ سان افغانست?? کي انساني بحران مان ڪڍڻ ۾ مدد ملندي، عالمي برادري کي ا?? نازڪ تاريخي موڙ تي ا??غاني?? کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ڪابل مان مختلف ملڪن جي سفارتي عملي ۽ شهرين جي محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ ڀرپور مدد ڪئي پر بدقسمتي سان پاڪستان جي مثبت ڪوششن جو قدر نه ڪيو ويو.