اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري عو??مي جمهوريه چين جي 72 هين سالگرهه جي موقعي تي چيني حڪومت ۽ عو??م کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪس??ان کي چين سان پنهنجي سدا بهار منفرد دوستي ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري ??ي فخر آهي.
ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته عو??مي جمهوريه چين جو 1949ع ۾ قيام هڪ تاريخي قدم هو جيڪو ڪميونسٽ پارٽي جي قيادت ۾ چين جي عو??م جي اڻٿڪ جدوجهد جي نتيجي ۾ ممڪن ٿيو، چيني عو??م جي ان جدوجهد سڄي دنيا ۾ عو??م کي سامراجيت جي خلاف جدوجهد ڪرڻ جو حوصلو ڏنو، هن چيو ته چين 1949ع کانپوءِ زندگي جي هر شعبي ۾ واکاڻ جوڳيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، هن چيو ته چين صرف 40 سالن جي ٿوري ??رصي ۾ غربت جي خاتمي، ٽيڪنالاجي، خلابازي، طب ۽ ٻين شعبن ۾ نين راهن کي روشناس ڪرايو، هن وڌيڪ چيو ته چين جي پيداوار ۾ تيز ترين اضافو، سماجي ۽ معاشي ترقي ۽ خوشحالي دنيا جي لاءِ هڪ مثال آهي،
اسپيڪر چيو ته چين جي ترقي ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي بي لوث قيادت ۽ چيني عو??م جي اڻٿڪ محنت جي ڪري ??هي. هن چيو ته پاڪستا?? ۽ ??ين جي دوستي ۽ گڏيل اعتماد، احترام، هم آهنگي ۽ گڏيل مفادن جي مضبوط بنيادن تي هموار آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جو رستو هر آزمائش تي پورو لٿو آهي ۽ ٻنهي دوست ??لڪن علائقائي ۽ عالمي فارمز تي هڪ ٻئي جي موقف جي حمايت ڪئي آهي.
ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو ته پاڪس??ان کي چين سان پنهنجي لازوال دوستي تي فخر آهي جيڪا گذرندڙ وقت سان گڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستاني ۽ چيني قوم هڪٻئي جي لاءِ ڀائيچاري، همدردي ۽ محبت جو جذبو رکندي آهي ۽ هر مشڪل وقت ۾ هڪٻئي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي،
هن چيو ته سي پيڪ جهڙي گيم چينجر منصوبي جي تڪميل سان خطي جي تقدير تبديل ٿي ويندي ۽ پاڪ چين لاڳاپان جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿيندي، هن عالمي جمهوريه چين جي قيام جي 72 هين سالگرهه تي چيني عو??م ۽ حڪومت کي مبارڪباد پيش ڪئي.