ڪوٽڙي – 11 نومبر (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??هي ته موجوده حڪومت واپ??ري برادري کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان انيڪ قدم کنيا آهن ۽ انهن قدمن سان ملڪ اندر واپار ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري رهيو آهي، ڪورونا جي صورتحال ۾ وزيراعظم عمران خان جي مڪمل لاڪ ڊائون نه ڪرڻ سان ملڪ وڏي معاشي تباهي کان بچي ويو، ان قدم کي دنيا اندر ساراهيو ويو ۽ دنيا ۾ پڻ انهن قدمن جيان عمل ڪيو ويو. اهڙو اظهار هن ڄامشورو چيمبر آف ڪامرس اينڊسٽري پاران ڏنل آجياڻي و??ري تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪيو. صدر مملڪت چيو ته وزيراعظم عمران خان دنيا جو پهريون وزيراعظم هو جنهن مڪمل لاڪ ڊائون جي مخالفت ڪندي ان کان پاسو ڪيو جنهن جا هاڪ??ري نتيجا نڪتا ۽ پاڪستان هڪ وڏي معاشي بحران کان بچي ويو جنهن جو اعتراف سموري دنيا پڻ ڪيو وزيراعظم جو چوڻ هو ته جيڪڏهن مڪمل لاڪ ڊائون ڪيو ويو ته ملڪ ۾ بيروزگ??ري وڌي ويندي، هن چيو ته واپ??ري برادري ملڪ جي ڪرنگهي جي هڏي و??ري حيثيت رکي ٿي، موجوده حڪومت واپ??ري برادري کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته موجوده دور جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي جو دور ??هي ۽ ملڪ ۾ ٻين انڊسٽريز سان گڏ انفارميشن ٽيڪنالاجي و??ري شعبي تي پڻ ڌيان ڏنو پيو وڃي. ان حوالي سان واپ??ري برادري ۽ انڊسٽري مالڪ پڻ ان شعبي ڏانهن ڌيان ڏين. حڪومتي قدمن سبب ان شعبي کي هٿي ملي رهي ??هي ۽ ڪجهه سالن اندر اها ملڪ جي سڀ کان وڏي انڊسٽري طور سامهون ايندي اسان سڀني کي چئون ٿا ته آءِ ٽي انجنيئر پيدا ڪريو جڏهن ته اسان ان حوالي سان هر مهيني لاڳاپيل کاتن سان گڏجاڻيون پڻ منعقد ڪري رهيا آهيون اوهان پڻ ٻئي بزنس سان گڏ آءِ ٽي جي ميدان اڳيان اچو ۽ ان حوالي سان اسٽڊي گروپ سميت سمورا وسيلا ڪتب آڻيو، دنيا ۾ آءِ ٽي انجنيئر جي وڏي ضرورت ??هي ۽ ان شعبي جو معيار ??هي ان ڏانهن ترجيحي بنيادن تي ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته مهانگائي هڪ آزمائش ??هي دنيا ۾ تيل سميت ٻين شين جي اگهن ۾ واڌ جي ڪري پاڪستان پڻ ان آزمائش مان گذري رهيو آهي، صدر مملڪت چيو ته ملڪ ۾ سياحت کي هٿي وٺرائي پئي وڃي ۽ هاڻ پاڪستان هڪ بهترين سياحتي ملڪن ۾ شامل ٿي ويو آهي. هن چيو ته ملڪن جي ترقي، پيداوار ۽ جي ڊي پي ۾ سمال انڊسٽريز جو اهم ڪردار ??هي ۽ ان حوالي سان حڪومت ننڍا ننڍا قرض فراهم ڪري رهي ??هي ۽ ڪامياب نوجوان پروگرام سميت ٻيا اهڙا پروگرام ڪاميابي سان ج??ري آهن اوهان نوجوانن ۽ عورتن ۾ شعور پيدا ڪريو ته اهي گهريلو ۽ ننڍين صنعتن جي حوالي سان ان مان فائدو حاصل ڪن. هن چيو ته ڪيترائي اهڙا شعبا آهن جن کي اسان وس??ري ويٺا آهيون اسان کي انهن تي به ڌيان ڏيڻو پوندو هن واپ??ري برادري ڏانهن مخاطب ٿيندي چيو ته پنهنجين فيڪٽرين ۾ ٻين سان گڏ ڪنهن به معذري جي ور چڙهيل معاشري جي مخصوص ماڻهن کي به روزگار فراهم ڪيو وڃي ته جيئن اهي به معاشري جا ڪارآمد شهري ثابت ٿي پنهنجي ڪٽنبن جو پيٽ پالي سگهن. صدر مملڪت چيو ته موجوده حڪومت واپارين کي مڪمل سهولتون فراهم ڪري رهي ??هي ۽ بجيٽ کان هڪ ڏينهن اڳ ايمازون جي 50 ساٿري گروپن سان گڏجاڻي پڻ ڪئي وئي، هن چيو ته دنيا اندر پاڪستان برانڊ پيدا ڪريو جنهن جي دنيا ۾ ضرورت ??هي ۽ اهو اهڙو ته معي??ري هجي جو دنيا ان جي واکاڻ ڪرڻ کان رهي نه سگهي. هن چيو ته ايزي گوئنگ ايڪسپورٽ بزنس جي ضرورت ??هي جتي به ضرورت پئي ته اسين اوهان سان گڏ هونداسين. هن چيو ته ٽيڪس جي حوالي سان ملڪ 70 سالن کان پريشان ??هي واپ??ري برادري چوي ٿي ته اسين ٽيڪس ڏيون ٿا پر جڏهن ٽجوڙي ڏسون ٿا ته خالي ??هي هن واپ??ري برادري کي چيو ته سنڌ جو گورنر پڻ واپ??ري گهراڻي سان تعلق رکي ٿو ۽ ان جا دروازا اوهان لاءِ کليل آهن اوهان ان سان رابطي ۾ رهو. هن چيو ته اسان خوشحال ملڪ جا رهواسي آهيون جيڪي خيرات ۾ هڙان وڙان ڏيون ڇڏيون جڏهن ته پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ انساني مدد و??ري ڪيفيت ئي ناهي. هن واپ??ري برادري کي چيو ته اسين اوهان جي مدد ڪنداسين اوهان اسان جي مدد ڪجو. ان موقعي تي صدر مملڪت ڄامشورو چيمبر آف ڪامرس اينڊسٽري جي عهديدارن جي مطالبي تي کين فائر ٽينڊر ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت هميشه واپ??ري برادري جي سپورٽ ڪئي ??هي ملڪي ترقي جو دارو مدار پيداوار تي ??هي ڪورونا جي صورتحال دوران جيترو اهو شعبو متاثر ٿيو اوترو گذريل 30 سالن ۾ نه ٿيو جڏهن ته ان سان گڏو گڏ سمورا شعبا پڻ تمام گهڻا متاثر ٿيا پر حڪومت جي بهتر پاليسين سبب اسين بچاءُ ۾ رهياسين، هن چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ ڪوشش هوندي ته اوهان کي اڃا به وڌ رليف ڏنو وڃي. هن چيو ته ڏکين حالتن سبب آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو ۽ انهن سخت شرطن تي پڻ عمل ڪرڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته اسان جي ڀرپور ڪوشش ??هي ته ايف اي ٽي ايف و??ري معاملي تي پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍايو وڃي، هن چيو ته صدر پاڪستان جي هدايتن تي فائر ٽينڊر جي حوالي سان ڳالهيون طئه ڪري وٺنداسين ۽ ايم نائن جي حوالي سان اوهان جي نيشنل هاءِ وي اٿارٽيز سان هڪ گڏجاڻي رکرايون ٿا. هن چيو ته سکر حيدرآباد موٽر وي تي تمام جلد ڪم شروع ٿيڻ و??ري آهي، ان موقعي تي ڄامشورو چيمبر آف ڪامرس اينڊسٽري جي صدر خليل احمد بلوچ، پيٽرن ان چيف ميان توقير طارق ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ حليم عادل شيخ، پير زمان شاه جيلاني، ميان سمير الدين، فرخ جميل، قمر ضياءُ الرحمان ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.