اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت بل??چستان جي ترقي جي لاءِ خصوصي قدم کڻي رهي آهي، بل??چستان جي لاءِ خصوصي ترقياتي پئڪيج سان صوبي ۾ خوشحالي ايندي، خصو??ي ماڻهن ۽ بل??چستان جي نوجوانن کي حڪومت جي قرض اسڪيمن بابت رهنمائي فراهم ڪئي وڃي. ايوان صدر جي ميڊيا و??گ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ خصو??ي ماڻهن جي ڀلائي جي حوالي سان قدمن تي بريفنگ دوران ڪيو. اجلاس ۾ بل??چستان جي گورنر سيد ظهور آغا، وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته خصو??ي ماڻهن کي معاشري جو ڪارائتو شهري بڻائڻ ضروري آهي، خصو??ي ماڻهن کي هنرمند بڻائڻ جي لا??ِ ووڪيشنل ٽريننگ سينٽرز جي دائري کي سگهه ڏيڻي پوندي، خصو??ي ماڻهو معاشري جو اهم حصو آهن، جن کي هنرمند بڻائڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بل??چستان جي ترقي سان پوري ملڪ ۾ خوشحالي ايندي، ترقياتي پئڪيج سان صوبي جي محرومين جو ازالو ڪرڻ ۾ مدد ملندي، بل??چستان جي ترقي جي لاءِ خصوصي ترقياتي پئڪيج سان صوبي ۾ خوشحالي ايندي. هن چيو ته بل??چستان جا نوجوان حڪومت پاران ڪاروباري قرض جي اسڪيمن مان فائدو کڻن. صدر هدايت ڪئي ته خصو??ي ماڻهن ۽ بل??چستان جي نوجوانن کي حڪومت جي قرض اسڪيمن بابت رهنمائي فراهم ڪئي وڃي.