اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مريم ن??از وڏن چئنلز جا اشتهار ڪنٽرول ڪرڻ جو اعتراف ڪيو جيڪو سنگين مالي بي ضابطگين جو هڪ ٻيو اعتراف آ??ي، اميد آهي ته مريم ن??از پنهنجي ۽ خاندان جي ٻاهرين ملڪ جائيدادن جو اعتراف به ڪري وٺندي، قوم منتظر آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مريم ن??از وڏن چئنلز جا اشتهار ڪنٽرول ڪرڻ جو اعتراف ڪيو، اهو سنگين مالي بي ضابطگين جو هڪ ٻيو اعتراف آ??ي، هن چيو ته مريم ن??از چوي ٿي ته هُو پارٽي جو ميڊيا سيل ه??ائي رهي هئي، اميد آهي ته ان اعترافي بيان کانپوءِ هو پنهنجي ۽ خاندان جي ٻاهرين ملڪ جائيدادن جو اعتراف به ڪري وٺندي، قوم منتطر آهي.