اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اقتصا??ي تعاون تنظيم (اي سي او) جي 15 هين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ??ندو. اقتصا??ي تعاون تنظيم جو سربراهه اجلاس ترڪمانستان جي گادي واري شهر اشڪ آباد ۾ 28 نومبر تي منعقد ٿيندو. ايوان صد?? جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر صدر اقتصا??ي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي شروعاتي سيشن کي به خطاب ڪندو. ترڪمانستان جو صدر 15 هين سربراهه اجلاس جي صدارت ڪندو. اقتصا??ي تعاون تنظيم جو سربراهه اجلاس جو موضوع ”مستقبل ۾ سڀ گڏ“ آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي اجلاس ۾ شرڪت ??ندڙ ٻين ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪندو. اقتصا??ي تعاون تنظيم جي سرگرمين جو جائزو وٺڻ کانسواءِ اي سي او ويزن 2025ع جي وچ مدي وارو جائزو به ورتو ويندو. پاڪستان، ايران ۽ ترڪي اقتصا??ي تعاون تنظيم جا باني ملڪ آهن جڏهن ته آذربائيجان، ترڪمانستان، ڪرغزستان، قزاخستان ۽ افغانستان به تنظيم جا ميمبر آهن.