اسلام آباد – 14 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي مل??قات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم کي انٽرنيشنل ??ير?? ٽائم آرگنائيزيشن (آءِ ايم او) جي ٿيندڙ چونڊن تي بريفنگ ڏني وئي. وفاقي وزير وزيراعظم کي عالمي ??ير?? ٽائم ٽرانسپورٽيشن بزنس ۾ پاڪستان جي لاءِ وڌ کان وڌ حصو حاصل ڪرڻ جي لاءِ آءِ ايم او ڪنوينشن دوران برطانيا، قطر، سعودي عرب، مل??ئيشيا ۽ مالديپ جي ٽرانسپورٽ وارن وزيرن سان ٿيندڙ سائيڊ لائين مل??قاتن کان پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم کي حڪومت جي سي فيئررز جي سهولت لاءِ قدمن، ڪورونا وبا دوران بهتر پاليسين جي ڪري بندرگاهن تي بهتر انتظام ۽ ڪراچي ۾ ڪراچي پورٽ جي ويڪسي نيشن مهم بابت مثبت تاثرن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم عالمي سامونڊي واپار ۾ پاڪستان جو ڪردار وڌائڻ جي لاءِ سامونڊي معاملن واري وزير جي ڪوششن کي ساراهيو.