اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ??ه ايندڙ نسلن لاءِ اسان کي پنهنجي ماحول کي بچائڻو آهي، دنيا ۾ هاڻي موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ ل??ءِ احساس پيدا ٿي رهيو آهي، اسان جي حڪومت ٻيلا پوکڻ جي مهم شروع ڪئي ۽ 15 نوان نيشنل پارڪس ڊڪليئر ڪيا، شهرن جا نوان ماسٽر پلان ٺاهيا پيا وڃن، ورلڊ بئنڪ ۽ موسمياتي تبديلي واري وزارت جي وچ ۾ سهڪار خوش آئنده آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن موسمياتي تبديلي واري وزارت ۽ عالمي بئنڪ جي وچ ۾ گڏيل بيان تي صحيحن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم ورلڊ بئنڪ جي مدد جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته ورلڊ بئنڪ اهم هدفن کي حاصل ڪرڻ ل??ءِ حڪومت پاڪستان سان تعاون ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان انهن 10 ملڪن ۾ شامل آهي جيڪو ماحولياتي تبديلي سان سڀ کان وڌيڪ م??اث?? آهن، جڏهن ماحول کي خراب ڪرڻ ۾ اسان جو حصو سڀني کان گهٽ آهي، وزيراعظم چيو ??ه اسان ايندڙ نسلن لاءِ پنهنجي ماحول کي بچائڻ ۽ گلوبل وارمنگ کي روڪڻو آهي، وزيراعظم چيو ته دنيا ۾ برساتون گهٽ ٿي رهيون آهن ۽ گرمي وڌي رهي آهي، جن ملڪن جي ڪري ماحول م??اث?? ٿيو آهي ۽ موسمياتي تبديليون رونما ٿيون آهن هن صورتحال جو بروقت ادراڪ نه ڪيو ۽ گهڻي دير سان ان مسئلي جي اهميت کي سمجهيو، هاڻي دنيا ان صورتحال جو ادراڪ ڪري رهي آهي ۽ اهو احساس پيدا ٿي رهيو آهي ته ماحول کي بچائڻ جي ضرورت آهي ڇو ??ه ان جي منفي اثرن کان م??اث?? ٿيڻ کانسواءِ ڪو به نٿو رهي سگهي. وزيراعظم چيو ته سائيبريا ۾ گرمي پڌ وڌي رهيو آهي، ڪيليفورنيا ۽ آسٽريليا ۾ ٻيلا باهه جو شڪار ٿي رهي?? آهن، دنيا جا ڪيترائي ملڪ ان صورتحال کان تمام گهڻا م??اث?? آهن، جيڪڏهن دنيا احتياط نه ڪيو ته فوڊ سيڪيورٽي ۽ ڪلچر به م??اث?? ٿيندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان به موسمياتي تبديلين کان وڌيڪ م??اث?? ٿي رهيو آهي، اسان جا گليشيئرز پگهرجي رهي?? آهن ۽ شهرن ۾ ماحوليات جا مسئلا پيدا ٿي رهي?? آهن، وزيراعظم چيو ??ه اسان جي??ي قدم کڻي رهي?? آهيون ايندڙ نسلن لاءِ اهي ضروري آهن، 10 ارب وڻ پوکڻ اسان جو اهم منصوبو آهي، جن علائقن ۾ ڪڏهن ٻيلا هئا اهي ختم ٿي ويا، جڏهن هاڻي اسان ٻيلن جي ڊجيٽل ميپنگ ڪئي ته خبر پئي ته ڪيترائي ٻيلا صرف ڪاغذي حد تائين رهجي وي?? آهن ان لاءِ اسان ٻيلا ۽ وڻ پوکڻ جي مهم شروع ڪئي ۽ 15 نوان نيشنل پارڪس ڊڪليئر ڪيا، اهي نيشنل پارڪس اسان جي تحفظ لاءِ ضروري آهن. ايندڙ نسلن کي به انهن جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته نون نيشنل پارڪس جي تحفظ لاءِ ماڻهو رکيا پيا وڃن، ٽيڪنالاجي ۽ ڊرونز جي ذريعي انهن جي مانيٽرنگ به ڪئي پئي وڃي. سيٽلائيٽ اميج کان به مدد ورتي پئي وڃي، ڊي آءِ خان ۾ اسان ٻيلا لڳايا جنهن سان وائلڊ لائيف جو تحفظ به ممڪن ٿيو ۽ علائقي جي عوام کي به روزگار جا موقعا ملي?? آهن ۽ سياحت کي به فروغ ملي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ??ه اسان کي پنهنجي ٻيلن ۽ پارڪس جو تحفظ ڪرڻو آهي، نون منصوبن لاءِ گارڊز رکيا ويندا، وزيراعظم چيو ته شهر پکڙجي رهي?? آهن ۽ انهن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، شهرن ۾ سرسبز علائقا گهٽجي رهي?? آهن، مارگلا نيشنل پارڪ کي به تحفظ جي ضرورت آهي، آباديون وڌڻ جي ڪري صاف پاڻي ۽ هوا سميت شهري مسئلا درپيش آهن، ٻيلا گهٽ هجڻ ۽ ماحولياتي آلودگي سان عوام جي زندگين کي به خطرا درپيش آهن، ٻار ۽ ٻڍا خاص طور تي آلودگي جو شڪار ٿي رهي?? آهن. وزيراعظم چيو ته شهرن جا نوان ماسٽر پلان ٺاهيا پيا وڃن ۽ شهرن کي هڪ حد ۾ رکيو ويندو. وزيراعظم چيو ته مينگروز کي بچائڻ به وڌيڪ اهم آهي. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ مينگروز جو تعداد وڌڻ خوش آئنده آهي، ان سان وائلڊ لائيف جو به تحفظ ٿيندو. وزيراعظم موسمياتي تبديلي جي وزارت ۽ ورلڊ بئنڪ ۾ سهڪار کي خوش آئئنده قرار ڏيندي چيو ??ه اهو منصوبو اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ گهڻو اهم آهي.