اسلام آباد – 06 جنوري (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ح??ين چيو آهي ته اقتصادي رابطا ڪميٽي ( اي سي سي) چين کان ڏيڍ لک ٽن ڀاڻ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، 50 هزار ٽن ڀاڻ جو پهريون جهاز 10 فيبروري تي پهچندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چوڌري فواد ح??ين چيو ته اي سي سي چين کان ڏيڍ لک ٽن ڀاڻ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. 50 هزار ٽن ڀاڻ جو پهريون جهاز 10 فيبروري تي پهچندو. جنوري کان 6 لک ٽن مقامي ڀاڻ به مارڪيٽ ۾ اچڻ شروع ٿي ويندو. عالمي منڊي ۾ تمام گهڻي ??يمت جي باوجود اسان جي آبادگارن کي ڀاڻ جي کوٽ کي منهن نه ڏيڻو پوندو.