اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت سمال اينڊ ميڊيم سيڪٽ?? جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري رهي آهي، ننڍي ڪاروبا?? جي لاءِ قرض ڏنا پيا وڃن، ڪاروبار ۾ رڪاوٽون پيدا ڪندڙ کاتن ۽ آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ريگيوليشنز کي آسان بڻائين??اس??ن، اسان جي ٽي سالا محنت ۽ پاليسين جا اثر نظر اچي رهيا آهن، پاڪستان جو روانگي واپار هن وقت رڪارڊ سطح تي آهي، رڪارڊ ٽيڪس ڪليڪشن ٿي آهي، رڪارڊ مٽاسٽا جو ناڻو آهي، چار اهم فصلن جي رڪارڊ پيداوار ٿي آهي، مهانگائي جي لهر سڄي دنيا ۾ آئي آهي. نيشنل سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزز (ايس ايم اي) پاليسي 21 – 2020ع جاري ڪرڻ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته خسرو بختيار ۽ ان جي ٽيم کي ان پاليسي جاري ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن ايس ايم اي سيڪٽ?? جي لاءِ محنت سان ڪم ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ايس ايم اي سيڪٽر کي اهميت ڏئي رهي آهي ۽ ان جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري رهي آهي، اڳ ۾ ڪ??هن به حڪومت ان حوالي سان ڪم ناهي ڪيو، اهو سڀ کان وڌيڪ روزگار فراهم ڪندڙ شعبو آهي ۽ دولت جي پيداوار ۾ ان جو وڏو حصو آهي پر ايترو نه جيترو هجڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته اڳ ۾ ايس ايم ايز جي لاءِ قرض نه ملندا هئا، بئنڪ رڳو وڏن بزنس مينن کي قرض ڏينديون هيون پر هاڻي ننڍي ڪاروبا?? جي لاءِ پڻ قرض جاري ڪرڻ کي آسان بڻايو ويو آهي. وزيراعظم چيو تهآمريڪا م ٽيڪنالاجي جو انقلاب نوجوانن جي نئين آئيڊياز ۽ حڪومت پاران ا??هن جي سرپرستي جي ڪري مملڪن ٿيو، نوجوان وڏا وڏا خواب ڏسندا آهن ۽ ا??هن ۾ ڪجهه ڪرڻ جو جذبو به هوندو آهي، ا??هن ۾ جنون هوندو آهي جيڪو وڏي عم?? جي ماڻهن ۾ ناهي هوندو، نوجوان رسڪ کڻي سگهن ٿا، حڪومت ۽ ادارن کي ا??هن کي سپورٽ ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته نوجوان آءِ ٽي سيڪٽر ۾ تمام گهڻو ڪم ڪري رهيا آهن، اسان جي ملڪي آبادي جو وڏو حصو نوجوانن تي ٻڌل آهي، ا??هن جي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻي ئي ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو، ا??هن کي سهولتون فراهم ڪرڻيون پونديون. هن چيو ته شهرن ۾ زمين مهانگي هوندي آهي ۽ ننڍي بزنس مين وٽ ڪاروبار شروع ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ پئسو ناهي هوندو، حڪومت هاڻي ان سلسلي ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪري رهي آهي، آسان ليز تي ڪاروبا?? جي لاءِ پلاٽ ڏنا ويندا ۽ ربينُون ڪٽڻ جو خاتمو ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته هڪ وقت هو ته پاڪستان خطي ۾ تيزي سان اڳتي وڌندڙ ملڪ هو، ٻاهرئين دنيا ۾ اسان جي وڏي عزت هئي ۽ اسان کي تمام گهڻي اهميت ڏني ويندي هئي ۽ دنيا اسان جي ترقي جو ماڊل ڏسڻ لاءِ ايندي هئي پر پوءِ اسان پنهنجو رستو وڃائي ويٺاسين ۽ غلط فيصلا ڪيا ج??هن جي نتيجي ۾ اسان زوال جو شڪار ٿياسين، اسان جي بيوروڪريسي ج??هن ۾ وڏي قابليت هئي ان ۾ ميرٽ جو خاتمو ٿي ويو ۽ اهي آفيس?? جيڪي اڳ م سهولتون فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏيندا هئا اهي رڪاوٽون وجهڻ لڳي ويا، اسان جي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته جيڪو به کاتو ۽ آفيسر زراعت، صنعت ۽ خدمتن جي شعبي سميت ڪاروبا?? جي رستي ۾ رڪاوٽون وجهندو ان جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته سنگاپور هڪ ننڍو ملڪ آهي پر ان جو روانگي واپار اسان کان وڌيڪ آهي، ٻيا ملڪ جيڪي اسان کان ترقي ۾ تمام گهڻو پٺتي هئا هاڻي تمام اڳتي نڪري ويا آهن، اسان کي پنهنجو روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪرنيون آهن، ملڪ ۾ دولت جي پيداوا?? جي لاءِ سمال اينڊ ميڊيم انڊسٽريز تي ڀرپور ڌيان ڏين??اس??ن، ريگيوليشنز جيڪا رستو روڪڻ جو ذريعو بڻجي وئي آهي ان کي نرم ڪن??اس??ن ۽ ننڍن سيڙپڪارن جي لاءِ خاص طور تي آسانيون ۽ سهولتون پيدا ڪن??اس??ن، ايندڙ وقت ۾ پاڪستان کي ان جو تمام گهڻو فائدو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ ڪ??هن به حڪومت کي ايترن چئلينجز کي م??هن نه ڏيڻو پيو، اسان جي حڪومت آئي ته پاڪستان ڏيوالپڻ ٿيڻ جي ويجهو هو، دوست ملڪ مدد نه ڪن ها ته اسان ڏيوالپڻو ٿي وڃون ها ۽ پاڪستان هڪ بدترين صورتحال ۾ وٺجي وڃي ها، حڪومت جي معاشي پاليسين جي نتيجي ۾ صورتحال بهتر ٿي پر پوءِ ڪوويڊ جهڙو بحران اچي ويو، سئو سالن ۾ اهڙو بحران هڪ ڀيرو اچي ٿو پر حڪومت نه رڳو پنهنجي ماڻهن پر معيشت کي به بچايو، اڄ پوري دنيا اسان جي متعرف آهي ته اسان ڪوويڊ جي صورتحال کي بهترين طريقي سان م??هن ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿياسين، هاڻي بيهر هڪ نئين لهر اچي رهي آهي ان لاءِ اسان کي ايس او پيز تي پوري طرح عمل ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ته ڪوويڊ جي صورتحال سان گڏ ئي افغانستان ۾ صورتحال تبديل ٿي ج??هن جي نتيجي ۾ رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي اچن سان شين جون قيمتون جيڪي پوري ۾ مهانگائي جي له?? جي ڪري بلند ٿي ويون هيون، ا??هن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو. وزيراعظم چيو ته ا??هن سمورين مشڪلاتن ۽ مسئلن جي باوجود اڄ پاڪستان جو روانگي واپار رڪارڊ سطح تي آهي، رڪارڊ پرڏيهي مٽاسٽا جو نانو آهي، رڪارڊ ٽيڪس ڪليڪشن آهي. وزيراعظم چيو ته مون حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ 8 هزار ارب رپيا ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، 6 هزار ارب رپين جو هدف حاصل ڪري ورتو آهي، 8 هزار ارب رپين کان به وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪن??اس??ن، ان جي لاءِ اسان آٽوميشن ۽ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم آڻي رهيا آهيون ڇو ته پاڪستان ۾ تمام گهڻا ماڻهو ٽيڪس نه ٿا ڏين، رڳو 20 لک ٽيڪس ڏيندڙ آهن. وزيراعظم چيو ته پرائيويٽ سيڪٽر رڪارڊ قرض ورتو آهي، حڪومت آبادگارن کي مراعتون ڏنيون آهن ج??هن جي نتيجي ۾ ڪڻڪ، ڪمند، مڪئي ۽ چانو?? جي رڪارڊ پيداوار ٿي آهي. وزيراعظم چيو ته رپئي تي پريشر ۽ دنيا ۾ ڪوويڊ جي صورتحال جي ڪري مهانگائي ٿي آهي پر موٽرسائيڪل ۽ گاڏين جو رڪارڊ وڪرو به ٿيو آهي، پاڪستان ۾ موبائيل فون ٺهڻ شروع ٿي ويا آهن، مڃان ٿو ته مشڪل وقت آهي پر ٽن سالن ۾ اسان تمام گهڻي محنت ڪئي آهي ج??هن جا اثر هاڻي سامهون اچي رهيا آهن، ايندڙ وقت اسان جي پاليسين جا ثمر کڻي ايندو. ان کان اڳ وزيراعظم سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزز (ايس ايم اي) پاليسي جاري ڪئي ۽ ايس ايم ايز رجسٽريشن پورٽل تي رجسٽرڊ ٿيندڙن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا.