اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي يوڪرين جي صدر ولادي مير زيلينسڪي ٽيليفون ڪئي ۽ ٻنهي اڳواڻن يوڪرين جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وزيراعظم عمران خان يوڪرين ۾ جاري عسڪري تڪرار تي گهري افسوس جو اظهار ڪندي فوري جنگ بندي ۽ ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي حل جي لاءِ ??اڪ??تان جي اصولي موقف کي ورجايو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان يوڪرين ۾ جاري عسڪري تڪرار تي گهري افسوس جو اظهار ڪيو ۽ فوري جنگ بندي ۽ ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ذريعي تڪرار جي حل لاءِ ??اڪ??تان جي اصولي موقف کي ورجايو. وزيراعظم چيو ته هو اسرندر ملڪن تي تڪرار جي منفي معاشي اثرن کي مسلسل اجاگر ڪري رهيا آهن جيڪو تيل ۽ شين جي وڌندڙ قيمتن مان ظاهر ٿئي ٿو. وزيراعظم عمران خان عام شهرين جي لاءِ انس??ني همدردي جي بنياد تي امداد جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ??اڪ??تان يوڪرين ۾ ماڻهن جي لاءِ انس??ني همدردي جي بنياد تي سامان جي فراهمي لاءِ 2 سي – 130 جهاز روانا ڪيا. اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي تازي اجلاس جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻڌايو ته اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن يوڪرين جي تڪرار جي ڪري سيڪيورٽي ۽ انس??ني صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ پرڏيهي وزيرن فوري طور تي جنگ بندي جي خاتمي تي زور ڏنو ۽ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن پاران ڳالهين واري عمل جي حمايت ۽ سهولت فراهم ڪرڻ تي آمادگي ظاهر ڪئي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ??اڪ??تان جهڙا غيرجانبدار ملڪ جنگبندي ۽ تڪرار جي سفارتي حل جي لاءِ ڪوششن کي ??گه?? ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪري ??گه?? ٿا. وزيراعظم عمران خان يوڪرين جي عملدارن پاران ??اڪ??ت??ني شاگردن ۽ شهرين سان گڏوگڏ سفارتي عملي جي انخلا ۾ مدد تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ٻين ملڪن پاران سفارتي حل جي سهولت جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن کي پڻ ساراهيو.