اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي قطر جي ا??ير شيخ تميم ??ن حماد الثاني ٽيليفون ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب قطر جي ا??ير وزيراعظم شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان قطر لاڳاپن کي وڌ??ڪ مضبوط ڪرڻ ۾ پوري حمايت جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم شهباز شريف قطر جي ا??ير جا ٿورا مڃيا. هن قطر پاڪستان لاڳاپن جي ا??ميت کي اجاگر ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌ??ڪ وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو، خاص طور تي وزيراعظم پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ معاشي سرگرمين کي وڌائڻ جي عزم کي ورجايو جنهن ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، مواصلات، فوڊ سيڪيورٽي ۽ ٻيا اهم شعبا شامل آهن. وزيراعظم سيڪيورٽي، صحت ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ پاڪستاني ا??رادي قوت جي ڀلائي لاءِ قطر جي قدمن کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم افغان امن عمل ۾ قطر جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان خواهش جو اظهار ڪيو ته ٻئي ملڪ افغان عوام جي لاءِ امن، استحڪام ۽ انساني ا??داد جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهن. وزيراعظم قطر جي ا??ير کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ٻنهي اڳواڻن ويجها گڏ??ل رابطا مضبوط ڪرڻ ۽ پاڪستان قطر لاڳاپن ۾ استحڪام ۽ وڌ??ڪ سگهه آڻڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.