اسلام آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ميان شهباز شر??ف سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران اجري بيان موجب ملاقات ۾ آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مب??رڪباد ڏني. وزيراعظم شهباز شريف آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جا حڪومت جي جوڙجڪ ۾ تعاون تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ خدا کان دعاڳو آ??يون. مشاورت ۽ گڏيل تعاون سان پاڪستان جي بهتري جي لاءِ ڪم ڪرڻ اسان ??و اولين مقصد آهي.