اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اظ??ار راءِ جي آزادي ??ي تحفظ تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، اڳوڻي دور ۾ پيڪا آرڊيننس ۽ پي ايم ڊي اي جهڙن ڪارن قانونن سان 22 ڪروڙ عوام کي غلام بڻائڻ جي سازش ڪئي وئي. اها ڳالهه هن سي پي اين اي، اي پي اين ايس، پي بي اي، پي ايف يو جي ۽ AEMEND جي نمائندن تي ٻڌل ??يڊ??ا جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي ميمبرن سان منعقد اجلاس ۾ ڳالهائيندي چئي. اجلاس ۾ فيڪ نيوز جي خاتمي لاءِ قانونسازي تي اتفاق ڪيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پيمرا قانون ۾ مشاورت سان قانونسازي ۽ فيڪ نيوز جي خاتمي لاءِ شق شامل ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ٿيو ته فيڪ نيوز سان قومي سلامتي مفادن، عوام جي اتحاد کي نقصان پهچائڻ جو تدارڪ ٿيندو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت اظ??ار راءِ جي آزادي ??ي تحفظ تي ڪو ٺاهه نه ڪندي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اظ??ار راءِ جي آزادي جي آئيني، مهذب حق جو فروغ چاهي ٿو. هن چيو ته صحافت جي موت سياست ۽ جمهوريت جي موت آهي، جمهوريت ۽ آئين جي پيداوار ئي اظ??ار راءِ جي اهميت ۽ قدر ڄاڻي ٿي. هن چيو ته سياست، صحافت ۽ عوام تي چار سال قيامت جا گذريا آهن، چينل، ڪالم، پروگرام، زبان ۽ اک بند ڪري قوم جي آزادي کسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پيڪا آرڊيننس ۽ پي ايم ڊي اي جهڙن ڪارن قانونن سان 22 ڪروڙ عوام کي غلام بڻائڻ جي سازش ڪئي وئي. هن چيو ته اسان صحافي برادري جي مشاورت سان هلنداسين، توهان جي راءِ جي روشني ۾ ??يڊ??ا جي آزادي کي فروغ ملندو. هن چيو ته چار سالن ۾ ملڪ جي معيشت وانگر ??يڊ??ا کي به مالي طور تي تباهه ڪيو ويو. مريم اورنگزيب چيو ته صحافين جي معاشي تباهي جو احساس آهي، چاهيون ٿا ته جلد انهن کي پهچندڙ نقصا??ن جو ازالو ڪريون. هن چيو ته اڳوڻي دور ۾ صحافي بيروزگار ٿيا، ڪيترائي فوت ٿي ويا، پگهارون اڌ ٿي ويون، انهن جي خاندان ۽ ٻارن ??ي تڪليفن کان آگاهه آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان ملڪ جي معاشي تباهي جي بحالي جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اڳوڻي حڪومت ملڪ کي معاشي ڏيوالپڻو ڪرڻ جي سازش ڪئي. هن چيو ته غيرملڪي سازش ۾ صحافين تي سنگين الزامن جي سخت مذمت ڪريون ٿا. پي ايف يو جي جي مطالبي جي حمايت ڪريون ٿا، ڪوڙن کي گهر تائين پهچائينداسين. مريم اورنگزيب چيو ته جيڪو سچ ڳالهائي ٿو، چوري پڪڙي ٿو، عمران خان ان کي غدار بڻائي ڇڏي ٿو. هن چيو ته غيرملڪي سازش جي نالي تي ادارن، عدليه، ??يڊ??ا تي گند اڇاليندڙن کي اسپيس نه ڏنو وڃي، ڪوڙ تي ٻڌل انتشاري فسادي بيانيي ??ي تدارڪ ۾ ميديا پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته سياستدا??ن جي پناهه جي جڳهه آزاد، غيرجانبدار ??يڊ??ا هوندي آهي، اسان ان کي طاقتور ڪنداسين. ان موقعي تي وفد موجوده جمهوري حڪومت پاران ڳوڻي حڪومت جي ڪارن قانونن کي ڪالعدم ڪرڻ جي قدم جي آجيان ڪندي چيو ته اطلاعات واري وفاقي وزير عهدو سنڀاليندي ئي پي ايم ڊي اي جي ڪاري ضابطي کي ڪالعدم قرار ڏ??و جنهن تي سندس ٿورائتا آهيون. اميد آهي جمهوري حڪومت جمهوري مزاج برقرار رکندي، آئين سان پيدا ٿيندڙ آزادي کي سگهه ملندي. جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي وفد مريم اورنگزيب کي اطلاعات واري وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي پڻ مبارڪباد پيش ڪئي.