اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزي??اع??م شهباز شريف چيو آهي ته موسمياتي تبد??لي بابت ٽاسڪ فورس غذا ۽ پاڻي جي کوٽ کان بچاءُ ۽ ٻيلن جي تحفظ لاءِ جامع حڪمت عملي ۽ قدم کڻندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته موسمياتي تبد??لي ??ي نظر ۾ رکندي ماهرن تي ٽاسڪ فورس جوڙي پئي وڃي، جي??ا شسپر گليشئر جهڙن واقعن کان مستقبل ۾ بچاءُ، غذائي ۽ پاڻي جي کوٽ کان بچڻ لاءِ موثر قدم، پاڻي جي بچاءُ ۽ موجوده ذخيرن جي حفا??ت ۽ ٻيلن جي تحفظ لاءِ جامع حڪمت عملي ۽ قدم کڻندي، هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبد??لي جي خطرن جي ور چڙهيل ملڪن ۾ 5 نمبر تي آهي، پاڻي جي کوٽ جا خطرن جو سڌو سنئون اثر پاڪستان جي ز??اع?? تي آهي ۽ ان ڏس ۾ حڪومت هر ممڪن قدم کڻندي، پاڻي جي بچاءُ ۽ ان جي زيان کي روڪڻ لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو انفرادي ڪردار به ادا ڪرڻو پوندو.