اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ??ي آءِ چيئرمين عمر??ن خان کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب گهرو وزارت پاران وزيراعظم کي اڳوڻي وزيراعظم جي سيڪيورٽي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم شهباز شريف گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي اڳوڻي وزيراعظم کي هر حوالي سان بهترين سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم اڳوڻي وزيراعظم کي فوري طور تي چيف سيڪيور??ي آفيسر فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي، وزيراعظم سمورين صوبائي حڪومتن کي به پي ??ي آءِ چيئرمين عمر??ن خان کي جلسن دوران سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.