اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو ??رداري ايران جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي موقعي تي مشهد جو دورو ڪيو ۽ حضرت امام رضا عليه السلام جي روضي تي حاضري ڀري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب مشهد جي هوائي اڏي تي پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو ??رداري جو استقبال خراسان رضوي صوبي جي گورنر جنرل يعقوب علي نظ??ي ڪيو. پرڏيهي وزير مزار تي حاضري ڀري ۽ مهمانن جي ڪتاب تي صحيحون ڪيون ۽ آستانه قدس رضوي جي متولي ۽ معتمد حجت الله والمسلمين احمد ماروي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير پرامن گڏيل بقاءَ، سمورن مذهبن جي احترام ۽ انسانيت جي لاءِ رحمت تي ٻڌل اسلامي تعليم جي حقيقي روح جي فروغ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو ??رداري ايران جو دورو ڪندڙ پاڪستاني زائرين جي لاءِ انتظامن تي حجت الله احمد ماروي جا ٿورا مڃيا ۽ ايران ۾ انهن جي داخلا ۽ رهائش جي سهولت لاءِ گڏيل تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.