اسلام آباد– 31 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فض??ئيه هن وقت سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺي رهي آهي. نلتر وادي ۾ پاڪ فض??ئيه طرفان رليف ۽ بحالي جو ڪم به زورن تي آهي. پاڪ فض??ئيه جي ترجمان موجب پاڪ فض??ئيه جي ايئر موبلٽي ڪمانڊ ه??لي ڪاپٽرز ۽ سي 130 جهازن جي 89 اڏامن ذريعي ٻوڏ متاثر انهن علائقن تائين امدادي سامان پهچايو ويو جنهن تائين زميني رستن ۾ پهچڻ مشڪل هو. انساني همدردي تحت پاڪ فض??ئيه جي ايمرجنسي ريس??ان?? ٽيمن ضرورتمند خاندانن ۾ 795 خيما، 42491 پڪل کاڌي جا پيڪٽ، 146726 بنيادي کاڌي پيتي جي شين جا راشن بيگ ۽ 82806 پاڻي جون ??وتلون ورهايون ??هن. هن وقت تائين پاڪ فض??ئيه طرفان 16 ٽينٽ سٽيز ۽ 41 رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون ??هن جتي رهائش ۽ خوراڪ جي فراهمي کانسواءِ 14822 مريضن جو پاڪ فض??ئيه جون ميڊيڪل ٽيمون مفت طبي معائنو ڪري رهيون ??هن، پاڪ فض??ئيه جون ??مدادي ڪارروايون ??ڃان تائين جاري آهن.