اسلام آباد– 31 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار قمر زمان ڪائره ??يو آهي ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ سڀني کي گڏجي انهن جي مدد ڪرڻ گهرجي، مشڪل جي هن گ??ڙي ۾ سمورين صوبائي حڪومتن کي گڏکڻي هلنداسين، مشڪل جي هن گ??ڙي ۾ ڪنهن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، اهو وقت سياسي ويڙهه جو نه پر عوام جي مدد جو آهي، ترڪيه کان 4 ٽرينون امدادي سامان کڻي اينديون، آءِ ايم ايف جي امداد اهڙو تالو آهي جيڪو کلندو ته ٻيا ادارا به مدد ڏيندا، رستا ٽٽل هجڻ جي ڪري امدادي سامان پهچائڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي،پاڪ فوج هر مشڪل وقت ۾ پنهنجي هم وطنن جو ساٿ ڏنو آهي، سموري حڪومتي مشينري ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ ميدان ۾ آهي، ٻوڏ ۽ برساتن سبب ٿيل نقصان ??و ڪاٿو لڳايو پيو وڃي، پا??ست??ن کي نقصان کان ??چائڻ لاءِ اسان پنهنجي سياست کي داءُ تي لڳايو. اهڙن خيالن جو اظهار ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق ۽ وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ??ي معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق ??يو ته تازين برساتن ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ 2010ع جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي، بلوچستان ۽ سنڌ جا علائقا وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، خيبرپختونخوا ۽ پنجاب جون حالتون به بهتر نه آهن، پا??ست??ن معاشي بحران ??و شڪار آهي، ا??ڙي موقعي تي ٻوڏ معيشت جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، حڪومت ، رياستي ادارا سڀ ريسڪيو آپريشن ۾ مصروف آهن، بحالي جو مرحلو ان کان ??ه وڌيڪ مشڪل هوندو. هن ??يو ته ٻوڏ جي ڪري فصلن ۽ انفراسٽرڪچر کي سخت نقصان پهتو جنهن جي ڪري ڀاڄين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي. وفاقي وزير ??يو ته موجوده صورتحال ۾ سياست تي ڳالهائڻ نٿا چاهيون، سڀ ڄاڻن ٿا ته اسان ??ءِ ايم ايف کي خيرآباد ڪري ويا هئاسين، ماضي جي حڪومت آءِ ايم ايف جو پروگرام ورتو پر سڌارا نه ڪيا، ماضي ۾ اڳوڻي حڪومت ملڪ کي معاشي طور تي ڪمزور ڪيو پر موجوده حڪومت پا??ست??ن کي ڏيوالپڻي کان ??چايو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ سڀني کي هڪ ڇت جي هيٺان گڏجي ويهڻ گهرجي جيڪي ويڙهه واري سياست ڪري رهيا آهن کين ڪرڻ ڏيو پر هاڻي ويڙهه جو وقت نه آهي، پر جيڪي ماڻهو متاثر ٿيا آهن انهن جي بحالي ۽ خدمت جو آهي. وفاقي حڪومت متاثرن جي بحالي لاءِ ڪوششون جاري رکيون آهن، مشڪل وقت ۾ سڀني کي گڏجڻ گهرجي اميد رکون ٿا ته وفاقي حڪومت جي پوري ڪوشش هوندي ته هن مشڪل گ??ڙي ۾ سمورين صوبائي حڪومتن کي گڏ کڻي هلون. ان موقعي تي قمر زمان ڪائره ??يو ته حڪومت شهباز شريف جي قيادت ۾ عوام جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ قدم کڻي رهي آهي، اسان کي به ماڻهو چئي رهيا آهن ته توهان کي سياسي نقصان ٿي رهيو آهي اسان ??يو ته اسان کي سياسي نقصان ٿئي پر پا??ست??ن کي نه ٿئي، قمر زمان ڪائره ??يو ته ٽيلي ٿون صرف اعلان هوندو آهي اها رقم ڪٿي آهي، وزيراعظم جي صلاحڪار ??يو ته پا??ست??ن هن وقت مشڪل حالتن مان گذري رهيو آهي اسان ??ڪومت ۾ اچي تمام مشڪل فيصلا ڪيا آهن، اسان کي سڀني ??يو ته توهان ??ياسي نقصان ڪري رهيا آهيو، پر ا??ڙي مشڪل فيصلا ڪرڻ مجبوري هئي، هن ??يو ته پاڪتسان ??ي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ا??ڙي ٻوڏ آئي آهي، سنڌ ۾ 1750 ملي ميٽر برسات ٿي آهي، بلوچستان ۽ پنجاب جو پاڻي سنڌ ۾ شامل ٿيندو آهي، سنڌ جي دريائن ۾ پاڻي تمام گهڻو آهي، ماڻهن تائين پهچڻ مشڪل آهي، هن وقت تائين اندازو نه آهي ته نقصان ڪيترو ٿيو آهي ۽ ڪيترا گهر ڊهي پيا آهن، اسان ??ي مٿان ??عتراض ٿي رهيو آهي ته هي حڪومت ڪجهه نه ڪري رهي آهي، اسان ??ي پوري ڪابينا پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ ڪم ڪري رهي آهي، هن ??يو ته ٻين ملڪن سميت اين جي اوز ۽ دوست ۽ مسلمان ملڪ به پاڪستان ??ي مدد ڪري رهيا آهن جنهن تي اسان ??نهن جا ٿورائتا آهيون، مشڪل جي هن گ??ڙي ۾ ڪنهن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين.