اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي ??وڏ سٽيل علائقن ۾ بجلي جي بحالي جو ڪم هنگامي بنيادن تي جاري آهي، مٽه سوات ٽرانسميشن لائين جي ٻوڏ سبب ڪري پوندڙ 2 ٽاورز کي ??يهر فعال ڪيو ويو آهي، پشاور اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني 132 ڪي وي مٽه گرڊ اسٽيشن فعا?? ٿيڻ سان سوات جي هڪ وڏي حصي جي بجلي جي سپلائي بحال ڪئي وئي آهي. ٽرائبل ايرياز اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني ٽانڪ جنڊولا سپلائ?? لائين بحال ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب تيمر گره باجوڙ لائينز بحا?? ٿيڻ کانپوءِ منڊا ۽ باجوڙ گرڊز م??ن بجلي جي فراهمي شروع ٿي وئي آهي. مدين گرڊ اسٽيشن تي بحالي جو ڪم جاري آهي. 66 ڪي وي جي ڳڙهي خيرو گرڊ اسٽيشن فعا?? ٿيڻ سان جيڪب آباد جي وڏي حصي کي بجلي جي فراهمي بحا?? ٿي وئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف بجلي جي سپلائي جي بحالي جي عمل کي ??اڻ مانيٽر ڪري رهيو آهي، ان حوالي سان ان کي روزاني جي بنياد تي رپورٽ پيش ڪئي پئي وڃي.