اسلام آباد / واشنگٽن – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي لاڳاپن واري ڪميٽي جي ??يئرمين سينيٽر رابرٽ مينينڊيز سان واشنگٽن ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب هن ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جي شدت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آمريڪا جي امداد کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان کي پا??يد??ر ۽ ڊگهي مدي واري تعاون جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزير چيئرمين مينينڊيز کي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جي اثرن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته ٻوڏ جي تباهين سان گڏوگڏ اهو انساني صحت، خوراڪ جي حفاظت ۽ اقتصادي رخن جو هڪ مشڪل بحران آهي. هن آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي لاڳاپن واري ڪميٽي جي ??يئرمين تي زور ڏنو ته هو آمريڪي ڪانگريس ۾ حمايت کي متحرڪ ڪري، جيڪا تاريخي طور تي اهڙي قسم جي قدرتي آفتن دوران پاڪستاني عوام سان گڏ بيٺل رهي آهي. سينيٽ جي پرڏيهي لاڳاپن واري ڪميٽي جي ??يئرمين ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان کي ان چئلينج تي ضابطو آڻڻ جي قابل بڻائڻ ۾ پنهنجي تعاون جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه هڪ اهم سنگ ميل آهي، ٻنهي ملڪن گڏجي ??م ڪري تمام گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو آهي. سينيٽر رابرٽ مينينڊيز پاڪستان آمريڪا لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ??ردار کي ساراهيو. ملاقات ۾ افغانستان سميت خطي ۾ امن ۽ استح??ام?? والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني قدمن تي پڻ خيالن جي ??ي وٺ ڪئي وئي.