اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪس??ان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي قاتلاڻي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو حملو افسوسناڪ، ڳڻتي جوڳو، مڪروهه فريب سان ڀر??ل ۽ بزدلاڻو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪس??ان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي قاتلاڻي حملي ۾ بچي وڃڻ تي الله تعاليٰ جا شڪر ادا ڪريان ٿو، ان جي ٽنگ ۾ ڪجهه گوليون لڳڻ سان هو زخمي ٿيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سندس حالت نازڪ نه آهي. هن چيو ته اهو حملو افسوسناڪ، ڳڻتي جوڳو، مڪروهه فريب سان ڀر??ل ۽ بزدلاڻو آهي، الله ان کي ۽ سمورن زخمين کي صحت ع??ا فرمائي.