اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شاعر مشرق علامه محمد اقبال جي پيدائش جي ڏهاڙي کي شاندار طريقي سان ملهائڻ جي هدايت ڪندي سينيٽر عرفان صديقي جي سربراهي ۾ اقبال شناس شخصيتن تي ٻڌل 22 رڪني قومي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آه??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هدايت ڪئي ته نومبر جي پوري مهيني ۾ علامه اقبال جي زندگي، فڪ??، تحريڪ، شاعري ۽ فلسفي کي اجاگر ڪيو وڃي، ڪميٽي ٽن ڏينهن ۾ نومبر مهيني جي لاءِ سرگرمين کي ترتيب ڏيڻ جو ڪم مڪمل ڪري. وزيراعظم آفيس سينيٽر عرفان صديقي جي سربراهي ۾ قومي ڪميٽي ٺاهڻ جو باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آه?? ته قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري ڊويزن ڪميٽي کي معاملا سرانجام ڏيڻ ۾ سهولت فراهم ڪندي. ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ ڊاڪٽر نثار ا??مد چيما?? ڊاڪٽر نفيسا شاهه، پروفيسر فتح محمد ملڪ، پروفيسر ڊاڪٽر خواجه محمد ذڪريا، پروفيسر ڊاڪٽر رفيع الدين هاشمي، پروفيسر ڊاڪٽر محمد ايوب صابر?? ڊاڪٽر ا??لم انصاري، ڊاڪٽر ا??سان اڪبر، پروفيسر ڊاڪٽر تحسين فراتي?? ڊاڪٽر اڪبر ا??مد?? ڊاڪٽر طالب حس??ن سيال، خرم علي شفيق?? ڊاڪٽر ا??صار ا??مد?? ڊاڪٽر مقصود جعفري?? ڊاڪٽر عبدالرئوف رفيق، پروفيسر ڊاڪٽر عباد علي?? ڊاڪٽر بادشاهه منير بخاري?? ڊاڪٽر خالد اقبال ياسر، محمد اڪرم چغتائي?? ڊاڪٽر شاهد اقبال ڪامران ۽ پروفيسر ڊاڪٽر بصيره عنبرين شامل آه??.