ڪراچي – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سمورن سرڪاري آفيسرن تي زور ڏنو آهي ته اهي عوام کي انصاف جي ??راهمي ۽ انهن جي خدمت کي ان جي حقيقي روح سان يقيني بڻائين ته جيئن شهرين کي درپيش مسئلن کي گهٽ کان گهٽ وقت ۾ حل ڪري سگهجي. اها ڳالهه هن گورنر هائوس ڪراچي ۾ وفاقي ٽيڪس محتسب جي ڪردار، فرضن ۽ ڪار??رد??ي جي عنوان سان منعقد آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي ايف ٽي او جي سالياني رپورٽ سال 2021ع پڻ جاري ڪئي وئي. صدر عارف علوي چيو ته اهو محتسب جي بنيادي فرضن ۾ شامل آهي ته هو م??اث?? شهرين کي انصاف جي ??راهمي جي عمل کي تيز ڪري ۽ انفرادي حيثيت ۾ يا وڏي گروپ طور شهرين کي م??اث?? ڪندڙ مسئلن ??ي حل لاءِ رستو ڳولي. صدر چيو ته لکيل لفظ ڪجهه وقتن تي هر معاملي جو احاطو نه ٿا ڪري سگهن ان لاءِ اعليٰ عدليه کي آئين ۽ قانون جي تشريح جو اختيار حاصل آهي. هن چيو ته قانونسازي جاري ۽ ساري عمل آهي جيڪو نئين ترقي، مصنوعات، اڀرندڙ ڪاروبار، واپاري عمل ۽ معاشري جي ترقي سان ارتقا پذير ٿئي ٿو. مجموعي قانوني فريم ورڪ وانگر ٽيڪس قانون به هڪ متحرڪ عمل مان گذرن ٿا ۽ انهن کي عوام جي سهولت ۽ خدمت جي جذبي تحت انهن کي لاڳو ڪرڻ جي ??اءِ سدائين ترميمن ۽ تشريح جي ضرورت هوندي آهي. هن چيو ته دوستاڻو، خدمتن تي ٻڌل ۽ معروضي ٽيڪس نظام ٺاهڻ جي ضرورت آهي جتي هر ٽيڪس ڏيندڙ خوشي ۽ پنهنج?? مرضي سان قانون جي ??اسداري ڪري ۽ بنا ڪنهن خوف جي ??يڪس جي ادائيگي ڪري. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته محتسب سيڪريٽريٽ رياست جا اهم ادارا آهن جيڪي لاڳاپيل قانونن جي صحيح تشريح ۽ م??اث?? شهرين کي انصاف فراهم ڪري عوامي مسئلن ??ي حل ۾ موثر ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ڊاڪٽر عارف علوي وڌيڪ چيو ته محتسب ڀلي اهو وفاقي هجي، ٽيڪس هجي ??ا انشورنس محتسب سرڪاري ادارن جا حريف ناهن هوندا پر اهي عوام کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي شڪايتن جي حل لاءِ لاڳاپيل فورمز تائين انهن جي ??هچ کي يقيني بڻائڻ جي ??اءِ ڪم ڪري رهيا آهن. حضرت محمد ﷺ ۽ خلفاءِ راشدين جي دور جو حوالو ڏيندي صدر چيو ته جڏهن به ڪنهن کي عوامي معاملن ??ي انتظام لاءِ مقرر ڪيو ويندو هو ته ان کي هدايت ڪئي ويندي هئي ته هو عوام جي ??هچ کي يقيني بڻائي ۽ خدمت جي جذبي کي سرفهرست رکي. هن چيو ته دروازا کليل رکڻ ۽ ماڻهن جون شڪايتون ٻڌڻ جي جذبي کي زندهه رکڻ گهرجي. بدعنواني ۽ ٽيڪس چوري پوري دنيا ۾ پکڙيل آهي جڏهن ته قانون ۽ قاعدن ۾ ڪجهه خاميون ۽ بي ضابطگيون آهن جيڪي عوام يا سرڪاري عهديدارن کي انهن جي غلط استعمال جو موقعو فراهم ڪن ٿيون. هن چيو ته بدعنواني هڪ اهڙي لعنت آهي جنهن کي معاشري مان مڪمل طور تي ختم ڪري سگهجي ??و پر اهو افسوسناڪ آهي ته اسان جي ??عاشري ۾ ان جو تناسب ٻين ترقي يافته قومن کان وڌيڪ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بدقسمتي سان اڄڪلهه ڪوڙين ۽ بي بنياد خبرن جو دور آهي جن جي ڪري اصل مقصد پٺتي رهجي ??ڃي ٿو ۽ پنهنج?? مرضي جو مفهوم ڪڍڻ جي ??اءِ لفظن کي ٽوڙ?? مروڙي پيش ڪيو پيو وڃي. وفاقي ٽيڪس محتسب ڊاڪٽر آصف محمود جاه ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته ايف ٽي او هڪ متحرڪ اداري طور تي ٽيڪس ڏيندڙن کي باعزت حيثيت ڏيڻ جي ??اءِ ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن انهن کي ٽيڪس جي ادائگي ۽ مسئلن ??ي حل ۾ مشڪلاتن کي منهن نه ڏيڻو پوي. هن وڌيڪ چيو ته مقامي سطح تي تيار ڪئي ويندڙ گاڏين تي ٽيڪس جي شرح ۾ گهٽتائي بابت هڪ تازي ڪيس ۾ ايف ٽي او جي ??يصلي 9 هزار پنج سئو کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙن کي ريليف فراهم ڪيو جڏهن ته ٽريڪٽرز تي ٽيڪس جي حوالي سان پنهنجي ??وعيت جي ??ڪ ٻئي ڪيس ۾ عوام کي ريليف ملندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان موقعي تي وفاقي ٽيڪس محتسب جي ??دمن مان فائدو کڻندڙ شهرين کي ٽيڪس ريفنڊ جا چيڪ پڻ ڏنا.