اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 2022ع دو??ان تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دو??ان ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي تعاون جا ٿورائتا آهيون، ٻوڏ کانپوءِ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ بئنڪ جي وڌيڪ تعاون جا خواهشمند آهيون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي نائب صدر شي زن چن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي خوشي ٿي آهي. پاڪستان ۾ ??از?? تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دو??ان ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو ماڻهن سان تعاون ۽ يڪجهتي س??را??ه جوڳي آهي ۽ اسان مستقبل ۾ ان تعاون کي جاري رکڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي تعاون سان ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جو ڪم جاري آهي، حصيدارن سان گڏجي اسان هڪ مضبوط موسمياتي ردعمل کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين.