اسلام آباد – 13 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ پرڏيهي معاملن واري ملڪتي وزير حنا رباني کر 16 کان 20 جنوري تائين سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ ٿيندڙ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي 53 هين سالياني اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چئي. هن چيو ته پاڪستان ورلڊ اڪنامڪ فورم جي اجلاسن ۾ باقاعده شرڪت ڪري رهيو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان فورم ۾ عا??مي اقتصادي اهميت جي مسئلن تي پنهنجو ??وقف پيش ڪندو. پرڏيهي وزير ۽ مملڪتي وزير سياسي اڳواڻن، ڪارپوريٽ ايگزيڪيوٽوز، عا??مي ادارن جي سربراهن، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي جي اهم شخصيتن ۽ ٻين ??اليوارين شخصيتن سان پڻ ملاقات ڪندا.