اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي عورت سفارتڪارن کي پنهنجي مل??ن جي نمائندگي ڪندي بهترين خدمتون سرانجام ڏيڻ ۽ پاڻ کي پيشيواراڻي مهارت جي علامت ثابت ڪرڻ تي شاندار خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پرڏيهي وزارت ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان منعقد تقريب ۾ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ پاڪستان ۽ ٻي?? مل??ن جي عورت سفارتڪارن شرڪت ڪئي. مملڪتي وزير چيو ته سفارتڪاري جي شعبي ۾ پاڪستان جي عورتن اڻمٽ نقش ڇڏيا آهن ۽ اهي مل?? جي ترقي ۾ ڀرپور حصو وجهي رهيون آهن. هن چيو ته انهن خدمتن مل?? جي ترقي ۾ اهم ??ردار ادا ڪيو آهي ۽ وڌيڪ اهو ته پاڪستان جون عورتون سدائين نوان معيار قائم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن. هن مل?? جي خدمت ۾ عورت پاڪستاني سفارتڪارن جي شاندار خدمتن جو اعتراف ڪيو جيڪي روايتي جوش، جذبي ۽ محنت سان پاڪستان ۽ ٻاهرئين مل?? ڪم ڪري رهيون آهن. عورت سفارتڪارن پينل مباحثي ۾ پنهنجي مل??ن جي لاءِ انهن پاران ادا ڪيل اهم ??ردار تي روشني وڌي. بحث ۾ حصو وٺندڙن ۾ پاڪستان ۾ مالديپ جي هاءِ ڪمشنر فرزانه ظاهر، آسٽريا جي سفير اينڊرياوڪ، پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير ڊاڪٽر رينا ڪيونڪا، چين جي ناظم الامور پينگ چنڪسو ۽ فلپائن جي ناظم الامور ماريا اگنيس شامل هيون. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته ان جي وزارت جو 45 سيڪڙو حصو عورتن تي ٻڌل آهي جيڪي پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ مثالي پيشيواراڻي مهارت جو مظاهرو ڪري رهيون آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ه?? جهڙا موقعا فراهم ??يا وڃن ته مل?? جي 51 سيڪڙو عورت آبادي کي هڪ قابل قدر افرادي قوت ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته عورتن جو ڏينهن ملهائيندي عورتن کي ترقي جي منزل طئي ڪرڻ ۾ مدد فراهم ??رڻ تي مردن جي تعاون تي ٻڌل ڪردار جو پڻ اعتراف ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان کان اڳ پرڏيهي آفيس جي ترجمان ۽ ڊائريڪٽر ايشيا بحرالڪاهل ممتاز زهره بلوچ پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ انهن عورت سفارتڪارن کي ساراهيو جن پنهنجي مل??ن جي لاءِ جوش ۽ جذبي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. ان موقعي تي سفارتڪاري جي شعبي ۾ نئين بلندين تي پهچڻ ۽ عالمي سطح تي مل?? جي نمائندگي ڪرڻ تي پاڪستاني عورتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو.