لاهور – 24 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??عليم جي شعبي ۾ بهترين خدمتون سرانجام ڏيندڙ ??ون??ورسٽي آف ايجوڪيشن لاهور جي وا??يس چانسلر ۽ ملڪ جي ناليواري اسڪالر پروفيسر ڊاڪٽر طلعت نصير پاشا (ستاره امتياز) کي هلال امتياز عطا ڪيو. ترجمان موجب گذريل سال ملڪ جي ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??ائنس، انجنيئرنگ ۽ تعليم جي شعبي ۾ بهترين ??ار??ردگي تي پروفيسر ڊاڪٽر طلعت نصير پاشا (ستاره امتياز) کي هلال امتياز عطا ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن تي عملدرآمد گذريل ڏينهن 23 مارچ 2023ع تي ايوان صدر ۾ منعقد ٿيندڙ هڪ پروقار تقريب دوران ڪيو ويو. ترجمان موجب پروفيسر ڊاڪٽر طلعت نصير پاشا کي ان کان اڳ 2015ع ۾ ويٽرنري سائنسز جي شعبي ۾ بهترين خدمتن تي ستاره امتياز ۽ 2009ع ۾ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن پاران بيسٽ ٽيچر ايوارڊ پڻ عطا ڪيو ويو آهي. درس ۽ تدريس ۽ انتظامي شعبي ۾ 4 ڏهاڪن کان وڌيڪ جو تجربو رکندڙ ناليواري اسڪالر پروفيسر ڊاڪٽر طلعت نصير پاشا کي ملندڙ هن ايوارڊ تي سڄي ملڪ جي تعليمي ۽ انتظامي ڌُرين خوشي جو اظهار ڪيو آهي. ترجمان موجب ??ون??ورسٽي آف ايجوڪيشن لاهور جي استادن، اسٽاف ۽ شاگردن پڻ اداري جي سربراهه کي ان اهم ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي.