اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انشورنس ڪمپني کي فوتي پاليسي هولڊر جي بيواهه کي ڊيٿ انشورنس ڪليم ??دا ڪرڻ جي هدايت ??ري ڇڏي. انشورنس ڪمپني فوت ٿي ويل مڙس پاران ڄاڻي واڻي بيماري لڪائڻ جي عذر تي بيواهه کي انشورنس ڪليم ??دائيگي ??ان انڪار ??ري ڇڏيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهو فيصلو شڪايت ڪندڙ شهناز اختر پاران وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلي جي خلاف داخل ڪيل اپيل کي قبول ڪندي ڏنو جنهن تحت ان ڪيس کي ان بنياد تي بند ??ري اڪلايو ويو هو ته بيواهه کي ان جي مرحوم مڙس جي اڪائونٽ مان ڏيڍ لک رپين جي ڪٽوتي ڪيل پريميئم جي رقم واپس ڪئي وئي آهي ۽ جيئن ته معاملو همدرديءَ جي بنياد تي طئي ٿيو هو، اهڙي طرح ڪمپني موت بيمي جي دعويٰ جي ادائيگي جي ذميوار ناهي رهي. وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلي جي خلاف شڪايت ڪندڙ صدر وٽ هڪ درخواست داخل ڪئي، جنهن کي هن قبول ??ري ورتو. پنهنجي فيصلي ۾ صدر قرار ڏنو ته انشورنس ڪمپني موت جي سرٽيفڪيٽ جي بنياد تي ان دعويٰ کي رد ??ري ڇڏيو ته جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته فوت?? لاڏاڻو ??ري وڃڻ ??ان هڪ سال اڳ ??ان ذيابيطس ۽ جگر جي بيماري ۾ مبتلا هو پر سرٽيفڪيٽ ۾ اهڙو ڪو مدو نه ٻڌايو ويو هو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته انشورنس ڪمپن?? لاهور جي هڪ اسپتال پاران 2917ع ۾ جاري ڪيل ايڊميشن چارٽر تي دارومدار ??ري رهي هئي جڏهن ته پاليسي سال 2015ع ۾ جاري ڪئي وئي هئي، اهڙي طرح اهو انشورنس جي مدي بابت نه هو. هن سال 2009ع ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي هڪ فيصلي جو پڻ حوالو ڏنو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته هائي بلڊ پريشر، ذيابيطس جهڙين بيمارين ۾ مبتلا ماڻهن جي اڪثريت پنهنجي زندگي ۾ محتاط رهي ڏهاڪن تائين زندهه رهي ٿي ۽ اهڙي بيمارين کي لڪائڻ دوکيبازي سان تعبير نه ٿو ??ري سگهجي. صدر چيو ته انشورنس ڪمپني وٽ اهڙي طرح جي ناقص بنيادن تي انشورنس ڪليم کي رد ڪرڻ جو جواز نه آهي. صدر پنهنجي حڪم ۾ قرار ڏنو ته انشورنس ڪمپني پاران بدانتظامي ٿي، ان لاءِ وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلي کي رد ڪيو وڃي ٿو. صدر انشورنس ڪمپني کي وڌيڪ هدايت ڪئي ته اها صدر جي حڪم جي وصولي جي 30 ڏينهن جي اندر شڪايت ڪندڙ کي انشورنس ڪليم ??دا ڪري.