اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي ٽيڪس محتسب جي حڪم جي خلاف ??يف بي آر جي درخواست رد ڪندي ??يف بي آر کي اطلاع ڏيندڙ جي سڃاڻپ ليڪ ٿيڻ تي رپورٽ پيش ڪرڻ جي ??دايت ڪئي آهي. ايوان صدر جي ??ريس ونگ پاران جاري بيان موجب نجي ڪمپني جي اڪائونٽنٽ ڪمپني پاران مبينا ٽيڪس فراڊ جي ??علومات ??يف بي آر کي ڏني هئي، اطلاع ڏيندڙ جي ??علومات ڪمپني جي ??الڪ کي ليڪ ڪئي وئي جنهن تي ملازم ??ي ڌمڪين کي منهن ڏيڻو پيو. صدر چيو ته ??يف بي آر وضاحت ڪري ته هو قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ڪمپني کان سيلز ٽيڪس جي ??صولي لاءِ فراهم ڪيل معلومات کي مڪمل طور تي ڇو استعمال نه ڪري سگهيو. ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي ٽيڪس محتسب جي حڪم جي خلاف ??يف بي آر جي درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ چيو ته ??يف بي آر پنهنجي ??اڳاپيل اسيسمنٽ آرڊر تي نظرثاني ڪري. صدر هدايت ڪئي ته ??يف بي آر اطلاع ڪندڙ کي ٻڌڻ جو موقعو فراهم ڪري ۽ فراهم ڪيل معلومات کي مڪمل طور تي استعمال ڪري. صدر ڪمپني پاران مختلف مبينا مالي بي ضابطگين بابت معومات جو مڪمل فائدو نه کڻڻ تي ??يف بي آر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هي واقعو اطلاع ڏيندڙ جي تصور ۽ ان حوالي سان قانونسازي جي سخت خلاف آهي. هن چيو ته معلومات مان فائدو کڻڻ بدران ??يف بي آر تمام گهڻي سستي جو مظاهرو ڪيو. تفصيل موجب محمد الياس ناردرن ٽولنگز ??را??يويٽ لميٽيڊ ۾ اڪائونٽنٽ طور ڪم ڪري رهيو هو، هن ??يف بي آر کي خبر ڏني ته ڪمپني مختلف مالي بي ضابطگين ۾ ملوث آهي. وڏي پئماني تي ٽيڪس چوري/دوکيبازي جي اطلاع تي شهري کي اطلاع ڏيندڙ طور رجسٽرڊ ڪيو ويو. ??يف بي آر ڪمپني جي خلاف ڪارروائي شروع ڪئي ۽ 1.5 ??رو?? رپين جي ??صولي ڪئي، وصول ٿيل رقم فراهم ڪيل معلومات صحيح طريقي سان استعمال نه ڪرڻ جي ڪري تمام گهٽ هئي. سي ٽي او لاهور جي عملي ٽيڪس چوري ڪندڙ ڪمپني جي ??الڪ کي اطلاع ڪندڙ جي سڃاڻپ به ظاهر ڪئي جنهن تي ڪمپني اڪائونٽنٽ کي پوليس ۽ ٻين ڪاررواين سان ڌمڪيون ڏنيون. شڪايت ڪندڙ وفاقي ٽيڪس محتسب کي شڪايت ڪئي جنهن ملازم ??ي ٻڌڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ جي ??دايت ڪئي جڏهن ته ??يف بي آر فيصلي جي خلاف صدر کي درخواست داخل ڪئي جنهن کي صدر رد ڪري ڇڏيو آهي. صدر چيو ته ٽيڪس محتسب جو حڪم رڳو ??يف بي آر جي ??رض جو ورجاءُ آهي ته معلومات مڪمل طور تي استعمال ڪئي وڃي، ??يف بي آر چوري ٿيل سيلز ٽيڪس جي رقم جي ??صولي لاءِ ٻيهر ڪارروائي ڪري. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يف بي آر کي معاملي تي ٽيڪس محتسب کي 60 ڏينهن جي اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي ??ڌيڪ هدايت پڻ ڪئي آهي.