اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته سوڊان ??ان ??اڪستاني شهرين جي انخلا جي منصوبي تحت جمعي جي صبح هڪ جهاز سوڊان ??ان ڪڍيل 149 پاڪستاني شهرين کي کڻي ڪراچي پهچي ويو، اٽڪل 200 پاڪستانين کي کڻي ٻن ٻين اڏامن جي اڄ دير تائين اچڻ متوقع آهي، انهن مان ??ڪ پورٽ سوڊان ۽ ٻيو جده کان ??اڪستانين کي واپس آڻيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??متاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته سوڊان ۾ سيڪيورٽي جي مشڪل صورتحال سان ??اڪستانين جو انخلا پرڏيهي وزارت جي قيادت ۾ هڪ مضبوط عالمي ايجنسي جي عمل جي نتيجي ۾ ممڪن ٿيو آهي. هن چيو ته اسان جي انخلا جي منصوبي کي مرحليوار لاڳو ڪيو ويو آهي، آپريشن جي پهرين مرحلي ۾ 8 سئو کان ??ڌيڪ پاڪستانين کي سرطوم کان ??ورٽ سوڊان ??هچايو ويو جيڪو محفوظ آهي، انخلا جي آپريشن جو ٻيو مرحلو پاڪستاني شهرين کي پورٽ سوڊان کان جده سعودي عرب يا سڌوسنئون پاڪستان ??هچائڻ آهي. ترجمان چيو ته اڄ جون اڏامون پورٽ سوڊان کان جده جي رستي اچي رهيون آهن، اهو ان ??ئي مرحلي جو پهريون حصو آهي، اضاف?? اڏامن جو پڻ منصوبو ٺاهيو ويو آهي. هن چيو ته پورٽ سوڊان کان جده تائين انخلا جو عمل جاري آهي جنهن ۾ سعودي حڪومت پاران ??لائي ويندڙ فيرين جي ذريعي انخلا به شامل آهي، ڪجهه مسافرن کي پورٽ سوڊان کان جده جي لاءِ چيني سامونڊي جهاز سان به منتقل ڪيو ويندو. ترجمان چيو ته اسان خطي جي دوست ملڪن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن ان ڏس ۾ خاص طور تي سعودي عرب جي حڪومت جا ٿورا مڃيا جنهن پورٽ سوڊان کان جده تائين فيري جي ذريعي ٽرانسپورٽ فراهم ڪرڻ ۽ پاڪستاني شهرين جي ملڪ واپسي تائين ميزباني جي ذريعي ان عمل ۾ سهولت فراهم ڪئي. ترجمان ??وجب پرڏيهي وزارت ان آپريشن کي ٺوس ڪرڻ ۾ ايجنسين جي وچ ۾ عمل جي قيادت ڪندي رهندي، خرطوم ۽ پورٽ سوڊان ۾ پاڪستان جي سفير مير بهروز ريگي جي ٽيم ان عمل کي آسان بڻائڻ جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي آهي ۽ سوڊان ۾ رهندڙ پاڪستانين جي انخلا ۽ انهن کي ملڪ واپس آڻڻ تائين امداد فراهم ڪرڻ جاري رکندا. هن چيو ته جد?? ۾ ??سان جو قونصليٽ جنرل سعودي عملدارن سان رابطو جاري رکندو ۽ جده جي رستي پاڪستانين جي اچ وڃ دوران ??دد فراهم ڪندو.