اسلام آباد- 31 مئي (اي پي پي)??وج??انن جي معاملن بابت وزيراعظم جي خاص مددگار شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت اعليٰ تعليمي ادارن جي باصلاحيت شاگردن ۾ هلندڙ سال ميرٽ جي بنياد تي هڪ لک ليپ ٽاپ ورهايا پيا وڃن، ان لاءِ شاگردن جي آن لائن رجسٽريشن جو عمل جاري آهي. ايندڙ بجيٽ ۾ ??وج??انن لاءِ ڪاروباري ۽ زرعي قرضن لاءِ 100 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي. گذريل ڪجهه سالن دوران نفرت سان ڀريل سياست جا ??وج??انن تي ناڪاري اثر پيا. مختلف تعميري پروگرامن ذريعي ??وج??انن کي هاڪاري سرگرمين طرف راغب ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هلندڙ سال انوويشن ايوارڊ لاءِ 3 هزار درخواستون مليون. بوٽ ڪيمپس لاءِ چونڊيل 500 ٻارن مان 100 ٻارن کي نيشنل انوويشن ايوارڊ ڏينداسين. اهڙو خيالن جو اظهار هن ”اي پي پي“ کي خاص انٽرويو ڏيندي ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام جي شروعات 13 مارچ 2013ع ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ڪئي هئي. ملڪ جي 70 سيڪڙو آبادي 30 سالن کان ??هٽ عمر جي ??وج??انن تي ٻَڌل آهي. هن چيو ته يوٿ پروگرام تحت غير رسمي تعليم ۽ هنرمنديءَ تي توجهه ڏني وئي آهي. گذريل 10 سالن جي تجربن کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي موجوده حڪومت ۾ ان پروگرام ۾ بهتري آندي وئي آهي. هنر جي تربيت تي خاص توجهه ڏني پئي وڃي ته جيئن ٻار تعليم سان گڏوگڏ هنر به سِکن. وزيراعظم شهباز شريف 2013ع ۾ پنجاب ۾ ليپ ٽاپ اسڪيم شروع ڪئي هئي، صرف وفاق ۾ ??وج??ان شاگردن کي 2013ع کان 2018ع تائين 5 لک ٽاپ ڏنا ويا. ڪورونا دوران ??وج??انن ليپ ٽاپ ذريعي روزگار ۽ تعليمي سرگرميون جاري رکيون. هن چيو ته ليپ ٽاپ جي رجسٽريشن جو پورٽل کُلڻ کانپوءِ ??وج??انن ان کي تمام گهڻو ساراهيو آهي. هلندڙ سال اعليٰ تعيلمي ادارن جي هڪ لک باصلاحيت ??وج??انن ۾ ميرٽ جي بنياد تي ليپ ٽاپ ورهايا ويندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايندڙ مالي سال دوران ليپ ٽاپ اسڪيم جو دائرو وڌايو ويندو. ??وج??انن کي مفت ليپ ٽاپ جي فراهميءَ سان گڏوگڏ آسان شرطن تي ان لاءِ قرضن جي فراهميءَ جي تجويز به آهي. وزيراعظم هنرمند پروگرام تحت مختلف شعبن ۾ 70 سيڪڙو هاءِ ٽيڪ اسڪلز ۽ 30 سيڪڙو روايتي مهارتن جي تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي. ??وج??انن کي جديد ٽيڪنالاجي جي تربيت فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته گذريل ڪجهه سالن دوران ناڪاري سياست، سياسي انتقام ۽ نفرت جي بنياد تي سياست ڪئي وئي، جنهن ذريعي ??وج??انن کي خاص طور تي ورهايو ويو. گذريل پنجن سالن دوران اسان جي سياسي قيادت کان سياسي انتقام ورتو ويو، ان جا اثر ??وج??انن جي ذهني صحت، واڌ ويجهه ۽ ڪردار تي پيا. هن چيو ته هاڻي ??وج??انن کي يوٿ پروگرام تحت انگيجمينٽ ذريعي هاڪاري سرگرمين طرف راغب ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته وزيراعظم بزنس ۽ زرعي لون اسڪيم جو مقصد ملڪ ۾ ننڍي ڪاروبار ۽ زراعت کي هٿي وٺرائڻ آهي. پاڪستان جهڙي زرعي ملڪ ۾ معيشت ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکي ٿي. گذريل سال ٻوڏ سبب پاڪستان جو وڏو حصو متاثر ٿيو، انهن علائقن ۾ ننڍن آبادگارن ۽ زراعت سان لاڳاپيل ??وج??انن جي مدد لاءِ زرعي قرضن جي فراهمي شروع ڪئي وئي. وزيراعظم 24 جنوريءَ تي ان اسڪيم جو افتتاح ڪيو هو، هاڻي تائين 22 ارب رپين جا قرض فراهم ڪيا ويا آهن. 30 جون تائين 30 ارب رپين جا قرض فراهم ڪرڻ جو هدف حاصل ڪري وٺنداسين. هن چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ وزيراعظم يوٿ ??زنس ۽ زرعي لون اسڪيم لاءِ 100 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي، ان ۾ 50 ارب رپيا قرض ڪاروباري ۽ 50 ارب رپيا قرض زرعي مقصدن لاءِ ڏنو ويندو. هن ??وج??انن تي زور ڀريو ته هو صحتمند سرگرمين ۾ شامل ٿين، پنهنجي توجهه پڙهائي، ڪردار سازي ۽ راندين جهڙين هاڪاري سرگرمين تي ڏين.