اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ جمعي ڏينهن پشاور جو دورو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ريڊي?? پاڪستان پشاور جو دورو ڪندو جنهن جي عمارت تي 9 مئي 2023ع تي حملو ڪيو ويو هو. وزيراعظم کي ريڊي?? پاڪستان جي عمارت، رڪارڊ ۽ نشريات کي پهچندڙ نقصان بابت ۽ بحالي جي ڪمن تي بريفنگ ڏني ويندي. وزيراعظم گورنر هائوس به ويندو جتي هن کي امن امان جي ??وا??ي سان بريفنگ ڏني ويندي ۽ خيبرپختونخواهه جي سياسي قي??دت به وزيراعظم سان ملاقات ڪندي.