اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالعدم تنظيم بي اين اي جي باني ۽ سربراهه ۽ هائي پروفائيل عسڪريت پسند ليڊرن مان هڪ گلزار امام شمبي جي پڪڙڻ تي پاڪستانين کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته امن جي بحالي لاءِ ??يڪيورٽي فورسز جون اڻٿڪ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڊي جي آءِ ??يس آءِ، پنهنجي نوعيت جي پهرين ۽ مختلف جاگرافيائي جاين تي ٻڌل، انتهائي ڏکئي انٽيلي جنس آپريشنز کي وڏي نفاست سان سرانجام ڏيڻ تي قوم پاران خصوصي ساراهه جو مستحق آهي. هن چيو ته پاڪستان خاص ط??ر تي بلوچستان امن ۽ ??وش??الي طرف گامزن آهي. هن پنهنجي ٽوئيٽ جي پڄاڻي پاڪستان زندهه آباد سان ڪئي.