اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جي صدر ابراهيم رئيسي ٻطرفن لاڳاپن ۽ خاص طور تي واپار جي فروغ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??ران جاري بيان موجب پاڪ ايران سرحد تي ”مند پشين بارڊر مارڪ??ٽ“ جي افتتاح کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن جي وفدن سان ملاقات ٿي. پاڪستان جي وفد ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، توانائي وارو ??فا??ي وزير انجنيئر خرم دستگير خان، اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير مريم اورنگزيب، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو، بلوچستان نيشنل پارٽي جو سربراهه سردار اختر مينگل، بلوچستان عوامي پارٽي جا پارلياماني ميمبر سردار خالد حسين مگسي ۽ زبيده جلال شامل هئا.