اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو زرداري شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ?? شرڪت جي لاءِ ڪراچي کان ڀارت روانو ٿي ويو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير ڀارت جي شهر گووا ۾ ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري اجلاس ?? پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. ايس سي او جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل ۾ شرڪت جي دعوت انهن کي ڀارتي پرڏيهي وزير ڏني آهي جيڪو ايس سي او جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل ??و موجوده سربراهه آهي.