اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) هلندڙ مالي سال دوران ٽيڪس ڪٽوتي کانپوءِ پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي منافعي ?? 879 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو ه??ندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران وڌي 23956 ملين روپيا رهيو. ناڻي وزارت جي ڊويزن طرفان جاري اقتصادي سروي موجب هلندڙ مالي سال دوران ٽيڪس ڪٽوتي کانپوءِ پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي منافعي ?? 879 سيڪڙو جو اضافو ٿي?? آهي ۽ اهو ه??ندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران وڌي 23956 ملين روپين تي پهچي وي?? آهي جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران 2446 ملين روپيا هو. اقتصادي سروي موجب پورٽ قاسم امپورٽ تي ڪارگو ۾ 27 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي ۽ ??ها گذريل مالي سال جي 35.78 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ گهٽجي 26.15 ملين ٽن رهي. هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن جولاءِ کان مارچ دوران روانگي واپار جي ڪارگو ۾ 15 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي ۽ ??ها مالي سال 2022ع جي انهي عرصي دوران 6.37 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ گهٽجي 5.39 ملين ٽن تي اچي وئي، ڪراچي پورٽ تي ڪارگو ۽ ڪنٽينرز جي سرگرمين ۾ به 20 سيڪڙو جي گهٽتائي ڏٺي وئي ۽ ??ها جولاءِ کان مارچ مالي سال 2023ع دوران 31791 ملين ٽن رڪ??رڊ ٿي جيڪا گذريل مالي سال جي ان عرصي دوران 37.71 ملين رڪ??رڊ ٿي.