باڪو – 15 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان جي قيادت ٻنهي مل??ن جي حصيداري عمل کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي ۽ پاڪستان جي لاءِ توانائي بحران جي خاتمي لاءِ روس کانپوءِ آذربائيجان مان ايندڙ مهيني کان رعايتي ايل اين جي ڪارگو پاڪستان اچڻ شروع ٿي ويندا. آذربائيجان ڪابينا آذربائيجان کان ايل اين جي پاڪستان آڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان باڪو ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ و??ير??عظم کي اها خوشخبري ڏني وئي. و??ير??عظم شهباز شريف گذريل ڇهن مهينن کان ان ڊيل تي ڪم ڪري رهيو هو. وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ ان ڊيل تي باضابطا عملدرآمد شروع ٿي ويندو. آذربائيجان جي قومي ايل اين جي ڪمپني هر مهيني رعايتي قيمت تي هڪ ايل اين جي ڪارگو پاڪستان موڪليندي. و??ير??عظم شهباز شريف ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي وچ ۾ ٻطرفي ملاقات ۾ ٻنهي مل??ن توانائي، زراعت، ٽرانسپورٽ، دفاع، سيڙپڪاري ۽ واپار سميت ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون کي سگهه ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. آذربائيجان پاڪستان جي توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ تعاون ڪندو، آذربائيجان پاڪستان جي تيل ۽ گئس جي شعبي ۾ مدد ڪندو، ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو. پاڪستان اسٽيٽ آئل (پي ايس او) ۽ آذربائيجان جي ڪمپني سوڪ??ر حڪومت سان حڪومت جي سطح تي پاڪستان جون توانائي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. آذربائيجان پاڪستان مان ايندڙ چانور تي درآمدي ڊيوٽي جي ڇوٽ جي ٺوس نظام جي تياري تي اتفاق ڪيو. آذربائيجان جي صدر چيو ته آذربائيجان اڳ ۾ ئي پاڪستان مان درآمدي چانور تي امپورٽ ڊيوٽي جي ڇوٽ ڏئي چڪو آهي. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته آذربائيجان جي آذر ايئرلائين اسلام آباد ۽ ڪراچي جي لاءِ ٻه اڏامون هلائيندي، شمسي توانائي جي شعبي ۾ آذربائيجان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندو، دفاع جي شعبي ۾ تعاون کي وڌائڻ تي پڻ ٻنهي مل??ن جي قيادت ۾ اتفاق ڪيو ويو. پاڪستان دنيا جو ٻيو مل?? هو جنهن آزادي کانپوءِ آذربائيجان کي سڀ کان اڳ تسليم ڪيو هو. پهرين مارچ 2017ع تي اي سي او اجلاس جي موقعي تي و??ير??عظم نواز شريف ۽ صدر الهام عليوف دفاعي مصنوعات گهرائڻ جي تعاون جي معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون.