اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف پاڪستان سوئيٽ هومز کي ٽرانسپورٽ وينز عطيو ڪيون. وزيراعظم ٽرانسپورٽ وينز جون چاٻيون پاڪستان سوئيٽ هومز جي چيئرپرسن زمرد خان جي حوالي ڪيون. ان م??قعي تي وزيراعظم پاڪستان سوئيٽ هومز ڪيڊٽ ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ٻارن سان ڳالهائيندي چيو ته ز??رد خان جيڪو ذمو کنيو آهي الله تعاليٰ ان کي ان جو اجر عطا فرمائي. هن ٻارن کي چيو ته اهي محنت سان تعليم حاصل ڪن ۽ قوم جا عظيم معمار بڻجن، توهان پاڪستان جو مستقبل آهيو. ان م??قعي تي زمرد خان وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ مسلم ليگ (ن) جا ٻيا اڳواڻ پڻ ان م??قعي تي موجود هئا. وزيراعظم پاران پاڪستان سوئيٽ هومز کي 4 گاڏيون عطيو ڪيون ويون جن جي ماليت 6 ڪروڙ 20 لک رپيا آهي. وزيراعظم ان م??قعي تي ٻارن سان گڏ وين ۾ سوار ٿي ٻارن جي حوصلا افزائي ڪئي. هن ٻارن کي چيو ته اهي تعليم حاصل ڪري ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪن، انجنيئرز، ڊاڪٽرز، سائنسدان، زر??ي ۽ آءِ ٽي جا ماهر بڻجن ۽ پاڪستان جي خدمت ڪن، اسان کي گڏجي پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ قائد جو پاڪستان بڻائڻو آهي. ان م??قعي تي ٻارن جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي، ٻارن پاڪستان ۽ وزيراعظم زندهه آباد جا نعرا هنيا.