لاهور – 30 – جون (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ايف سي جو?? پگهارون پاڪ فوج جي برابر ڪري ڇڏيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف وڏي عيد تي ايف سي جي آفيسرن ۽ جوانن جي لاءِ وڏي خوشخبري ٻڌائيندي ايف سي جو?? پگهارون پاڪ فوج جي برابر ڪري ڇڏيون. ايف سي جي پگهارن ۾ پاڪ فوج جي نسبت فرق هو جنهن کي وزيراعظم ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم مح??د شهباز شريف اهو اعلان پاڪ افغان سرحد تي پاراچنار جي دوري جي موقعي تي گذريل ڏينهن خطاب ۾ ڪيو. وزيراعظم اهو قدم ايف سي جي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ خدمتن ۽ قربانين جي اعتراف ۾ ڪيو آهي.