اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڊينمارڪ جي پرڏيهي وزير سان ڊينمارڪ ۽ ٻ??ن يورپي ملڪن قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي وزير پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته مون کي ڊينمارڪ جي پرڏيهي وزير لارس لوڪي راسموسن ٽيليفون ڪئي ۽ مون کيس ڊينمارڪ ۽ ٻ??ن يورپي ملڪن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واقعن تي گ??ري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري ڊينمارڪ جي حڪومت پاران مسلمان دنيا تائين پهچ جو اعتراف ڪندي ۽ ان ڪڌي ڪ??ررواين جي مذمت ڪئي. هن سڄي دنيا جي مسلمانن جي جذبن کي ٺيس پهچائيندڙ اسلامو فوبڪ ڪاررواين کي روڪڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته بين المذاهب هم آهنگي ۽ مذهبي رواداري کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي.