اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاق پاڪستان جي استحڪام لاءِ اڄ هڪ ??ظي?? ڏينهن آهي، گڏيل مفادن واري ڪائونسل ستين ڊجيٽل آدمشماري جي متفقه طور منظوري ڏني آهي، هن وڏي سرگرمي جو حصو بڻجڻ تي سمورن ادارن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ستين ڊجيٽل آدمشماري جي منظوري لاءِ رٿيل اجلاس ?? سياسي پارٽين جي نمائندن خاص دعوت تي شرڪت ڪئي، جنهن جو مقصد اتفاق راءِ سان قومي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي پي ڊي ايم حڪومت جي موقف موجب غور ويچار ڪرڻ هو. آدمشماري جي متفقه طور گڏيل مفادن واري ڪائونسل منظوري ڏني آهي، آدمشماري جو پورو عمل مشاورتي ڪميٽي جي نگراني ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ صوبائي حڪومتن، ناليوارن شمارياتدانن، سميت سمورين ڌرين جي نمائندگي ه??ي، نادرا، اين ٽي سي ۽ سپارڪو هن عمل کي انتهائي شفاف، معتبر ۽ موثر طريقي سان انجام ڏ??ڻ لاءِ مدد فراهم ڪئي. هي پاڪستان جي پهرين ڊجيٽل آدمشماري ه??ي. وزيراعظم چيو ته مون لاڳاپيل وزارتن، صوبائي وڏن وزيرن، صوبائي حڪومتن، نادرا، سپارڪو، اين ٽي سي، هٿياربند فوج، پوليس ۽ سڀ کان وڌي ڪري استادن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو جن هن وڏي سرگرمي ۾ حصو ورتو ۽ بي پناهه قومي خدمتون سرانجام ڏ??يون.