اسلام آباد – 28 – آگسٽ (اي پي پي) توانائي واري وزارت بجلي جي ب??ن جي مسئلي تي تجويزن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جي ٽوئيٽ موجب بجلي جي ب??ن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ڪاله?? سومر ڏينهن توانائي واري وزارت ۾ ٿيو جنهن ۾ بجلي جي ب??ن جي مسئلي تي تجويزن کي حتمي شڪل ڏني وئي. اهي تجويزون سڀاڻي وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪيون وينديون جڏهن ته حتمي فيصلو وفاقي ڪابينا ڪندي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته فيصلا ۽ تجويزون منظوري جي لاءِ و??اقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪيون وينديون ڇو ته انهن تجويزن ۽ فيصلن جي منظوري جي مجاز رڳو وفاقي ڪابينا آهي.