اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان محمد اجمل گوندل مالي سال 2023 – 2022ع جي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي. ان موقعي تي صدر آڊٽ ع??ل کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته آ??ٽ عمل ۾ بهتري سان ملڪ ۾ بهتر گورننس، شفافيت ۽ احتساب جي فروغ ۾ مدد ملندي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب آڊيٽر جنرل آف پاڪستان ايوان صدر ۾ صدر کي مالي سال 2023 – 2022ع جي رپورٽ پيش ڪئي. ان موقعي تي صدر ملڪ ۾ مالي نظم ۽ ضبط برقرار رکڻ ۾ آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي اداري جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آ??يٽر جنرل ملڪ ۾ آڊٽ جي نظا?? ۾ ??ڌيڪ بهتري جي لاءِ قدم کڻي. هن چيو ته آ??يٽر جنرل اداري کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ هدفن جو تعين ڪيو وڃي. آڊيٽر جنرل حڪومت کي بهتر گور??نس جي فروغ ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪري. صدر چيو ته بهتر اندروني ڪنٽرول، ٽيڪنالاجي، آٽوميشن ۽ عالمي معيار موجب آڊٽ جي طريقن کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي.