اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ وفاقي گهرو سيڪريٽري عبدالله خان سنبل جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم چيو ته عبدالله خان سنبل هڪ انتهائي قابل آفيسر هو، سندس ملڪ ۽ قوم ج?? لاءِ لازوال خدمتون آهن. هن چيو ته عبدالله خان سنبل جي لاڏاڻي سان سول سروس کي ناقابل تلافي نقصان پهتو آه??. ه?? دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند ۽ گ??رڀ??تين ??ي صبر جميل عطا فرمائي.