اسلام آباد- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آه?? ته اچو ته گڏجي عزم ڪريون ته اسان پنهنجي ڪوتاهي?? کي نظرانداز نه ڪنداسين ته ڪوتاهين دُور ڪري اميد جو ڏيئو روشن ڪنداسين. مختصر وقت ۾ اهڙو ڪم ڪنداسين جيڪو مثال بڻجي وڃي جيڪو ڏسي رهيا آهيون محسوس ڪري رهيا آهيون اهي ئي ڳالهيون ڪنداسين. هن وقت تائين 3 ڪروڙ ٻار آئوٽ آف اسڪول ڇو آهن، ٻار?? کي تعليمي نيٽ ورڪ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ 10 کان 12 سالن جو پلان جوڙڻ جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ عالمي خواندگي جي ڏهاڙي ??ي حوالي سان رٿيل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. مدد علي سنڌي چيو ته مان علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي تعليمي خدمتن کان چڱيءَ ريت واقف آهيان ۽ ان يونيورسٽي جي ملڪ گير خدمتن کان مطمئن آهيان. هن عالمي يومِ خواندگي ??ي حوالي سان سيمينار رٿڻ تي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ناصر محمود کي ??بارڪباد ڏني. علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ناصر محمود چيو ته پاڪستان پنهنجي آزاديءَ جا 76 سال گذاريا پر اڄ به اسان وٽ 3 ڪروڙ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن ج?? کي اسا?? کي اسڪول پهچائڻو هو پر پهچائي نه سگهياسين. هن چيو ته ان ٻار?? کي اسڪول آڻڻ لاءِ ڊگهي مدي جي منصوبي جي ضرورت آهي.