گڏيل قومون – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ عالمي برادري تي زور ڏنو آهي اها ايس ڊي جيز سمٽ ۽ خاص طور تي ايس ڊي جيز جي حوالي سان ??يل سمورن واعدن تي عملدرآمد ڪري. ”ترقي جي لاءِ مالي مدد“ بابت اعليٰ سطحي مڪالمي دوران نگران وزيراعظم چي?? ته ترقي يافته ۽ اسرندڙ ملڪن جي وچ ۾ وڏي مالياتي فرق کي ڏسندي انهن کي پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) حاصل ڪرڻ جي لاءِ نجي سيڙپ??ار?? کي متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏن?? ته گڏيل قومن جي نظام کي اسرندڙ ملڪن ۾ پبلڪ پرائيويٽ سيڙپ??ار?? جي امڪانن جي سببن کي حل ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ سيڙپ??ار?? جا منصوبا، سرمائي جي و??يڪ لاڳت، ريگيوليٽري فريم ورڪ ۽ ايس ڊي جيز بابت بئنڪنگ منصوبا شامل آهن. هن اسرندڙ ملڪن کي ايس ڊي جيز جا منصوبا حاصل ڪرڻ ۽ انهن تي عملدرآمد ۾ مدد جي لاءِ گڏيل قومن جي سمورين آفيسن ۽ ايجنسين جي استعمال تي پڻ زور ڏنو. هن چي?? ته اسرندڙ ملڪن کي به ايس ڊي جيز حاصل ڪرڻ جي لاءِ نجي سيڙپ??ار?? کي متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. نگران وزيراعظم سمورين ڌرين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ ۽ اسرندڙ ملڪن کي پنهنجي قومي منصوبن کي تيزڪرڻ جي قابل بڻائڻ تي زور ڏنو.