اسلام آباد – 10 – ??وم??ر (اي پي پي) پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياس??، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ت??جمان ممتاز ز??ره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌايو ته 6 ??وم??ر تي پاڪستاني عوام ۽ سڄي دنيا جي ڪشميرين ڄمون ۾ ??وم??ر 1947ع ۾ ٿيندڙ قتل عام جي متاثرين کي ياد ڪيو. 76 سال اڳ هري سنگهه جي ڊوگره فوج جنهن کي هندو انتهاپسند راشٽريا سويم سيونگ سنگهه (آر ايس ايس) جي حمايت حاصل ڪئي. منصوبابندي ۽ منظم طريقي سان اٽڪل 2 لک 37 هزار مسلمانن کي قتل ڪيو ويو. ترجمان ان قتل عام جي متاثرين کي ياد ڪندي انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته انهن گڏيل فوتگين جي مارجڻ جي احتساب جو مطالبو ڪريون ٿا. هن چيو ته عالمي برادري کي اهڙي قسم جي ڏوهن جي ٻيهر اجازت نه ڏيڻ جو وچن ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت کي پنهنجي عالمي ذميوارين کي پورو ڪندي ڪشميري عوام جي حقن ۽ آزادي جو احترام ڪرڻ گهرجي، جن کي خودمختياري جو مڃيل حق حاصل آهي.